واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مٿس ذميواري آهي ته هو پينوراما جي دستاويزي فلم ۾ پنهنجي ڇهه جنوري واري تقرير جي ايڊٽنگ واري معاملي تي بي بي سي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته جنهن نموني سندس ڇهه تقرير پيش ڪئي وئي، اِهو ڏسندڙن سان ڌوکو ڪيو ويو آهي.
ٽرمپ پينوراما جي دستاويزي فلم جي ايڊٽنگ واري معاملي تي بي بي سي خلاف قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي کانپوءِ پهرين ڀيرو عوامي سطح تي ان حوالي سان ويچار ونڊيا آهن.
واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي قانوني ٽيم بي بي سي کي دستاويزي فلم کان مڪمل ۽ شفاف لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ لاءِ 14 نومبر تائين جو وقت ڏنو هو ۽ چتاءُ ڏنو هو ته ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ بي بي سي خلاف هڪ ارب ڊالر ماليت جي هرجاڻي لاءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي بي سي جي چيئر سمير شاهه ڊاڪيومينٽري تي غلطي تسليم ڪندي چيو آهي ته بي بي سي اهڙي غلطي تي معذرت ڪري ٿو.