شهرين جي خوشي: حڪومت جي ذميواري

تحرير: مشتاق ميراڻي

سياسي طاقت صرف ۽ صرف شهرين جي خوشحاليءَ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. –  بنجامن ڊزرائيلي، فلاسافر ۽ اڳوڻو برطانوي وزيراعظم 1868 ۽ 1874-1880

  1. شروعات

گهڻو ڪري اِهو چيو ويندو آهي ته خوشي شهرين جو ذاتي معاملو آهي، ۽ ان جو حڪومت سان ڪو به تعلق نه آهي پر، هاڻي اِهو طئه ٿي ويو آهي ته شهرين جي خوشي، شهرين جو حق آهي ۽ ان لاءِ حڪومت ئي ذميوار آهي. ٻي عالمگير جنگ کان پوءِ جڏهن اولھه جي ملڪن ۾ معاشي ۽ سماجي ترقي تيز ٿي ته ان کان پوءِ فلاسافرن، سياسي ماهرن ۽ دانشورن شهرين جي زندگيءَ جو معيار وڌائڻ ۾ دلچسپي وڌائي، ڇاڪاڻ ته کين محسوس ٿيو ته معاشي ترقي ته ٿئي پئي پر عام شهريءَ جي زندگيءَ جو معيار خوشي به وڌي ٿو يا نه؟ اڳتي هلي 1960 واري ڏهاڪي ۾ زندگيءَ جي معيار کان اڳتي وڌي شهرين جي خوشي اهم موضوع بڻجي ويو آهي.

ان ڏس ۾ بي بي سي ريڊيو تي 28 آگسٽ 1996 ۾ خوشيءَ جي موضوع تي هڪ پروگرام پيش ڪيو ۽ جڳ مشهور رسالي ٽائيم ميگزين جنوري 2005 خوشيءَ جي نئين سائنس جي موضوع تي سڄو ايڊيشن ڪڍيو. هن وقت اِهو بحث ڪيو وڃي ٿو ته ڇا حڪومت جي ذميواري آهي ته هُو پنهنجي شهرين کي خوشي مهيا ڪري؟

تاريخ 2 اپريل 2012 ۾ پهرين عالمي خوشيءَ جي رپورٽ World Happiness Report شايع ڪئي وئي، اُنهيءَ رپورٽ ۾ 140 ملڪ شامل هئا. هن وقت ڪيترن ئي ملڪن ۾ خوشيءَ جا ادارا موجود آهن. تنهن کان پوءِ 28 جُون 2012 ۾ گڏيل قومن هر سال تاريخ 20 مارچ تي عالمي خوشيءَ جو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. هن وقت ٻين ملڪن ۾ به خوشيءَ جا ادارا قائم ڪيا ويا آهن جنهن ۾ مکيه متحده عرب امارات، وينزويلا ۽ نائيجيريا اچي وڃن ٿا. خوشيءَ تي تحقيق ۽ رٿائون جوڙڻ لاءِ ادارا قائم ڪيا ويا آهن جنهن ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي Wellbeing Research Centre ۽ اراسمس يونيورسٽي، هالينڊ ۾ قائم ڪيا ويا آهن.

  1. تاريخي پس منظر

18هين صديءَ ۾ آمريڪا جي آزاديءَ جي پڌرنامي ۾ پهريون دفعو خوشي حاصل ڪرڻ جو ذڪر اچي ٿو. جنهن ۾ زندگي، آزادي ۽ خوشي حاصل ڪرڻ Life, Liberty, and Pursuit of Happiness جا مشهور مقصد پڌرا ڪيا ويا. اسڪاٽش فلاسافر فرانسس هچيسن 1725 ۾ پنهنجي ڪتابAn Inquiry into the Original of Our Ideas of Beauty and Virtue  ۾ پهريون ڀيرو هي اصول لکيو ويو ته that action is best which procures the greatest happiness for the greatest numbers حڪومت طرفان جيڪا پاليسي ٺاهي وڃي اها وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ خوشي مهيا ڪري. هچيسن جي ان اصول کي برطانيه جي جيريمي بينٿيم ۽ جان اسٽوارٽ مل وڌيڪ اڳتي وڌائي يوٽيليٽيرينزم Utilitarianism جي فلاسافي جو بنياد وڌو.

ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ يورپ ۾ معاشي ترقيءَ سان زندگيءَ جي معيار تي بحث شروع ٿيو ته اُتي جي فلاسافرن، سياسي ماهرن ۽ محققن عوام جي زندگيءَ جي معيار  جو سوال اُٿاريو. ائين انهن ملڪن ۾ عام ڀلائيءَ جا پروگرام جهڙوڪ پينشنرز، بيواه عورتون، يتيم ٻارن، مزدورن ۽ بي روزگارن کي مالي مدد، تعليم، گهر، صحت، معاشي مدد ۽ ٻيا وڏي پيماني تي عام ڀلائيءَ لاءِ سرڪاري قدم کنيا ويا.

ايئن ئي اڳتي هلي شهريءَ جي خوشيءَ جي تحريڪ شروع ٿي وئي ته ڇا خوشي شهريءَ جو قانوني حق آهي؟ ان ڏس ۾ پهرين ڀيرو ڀوٽان پنهنجو خود مختيار ادارو24 جنوري 2008 ۾ قومي پيداوار جي بجاءِ Gross National  Happiness-GNH قومي خوشيءَ کي پنهنجو هدف ٺاهيو. ان کان اڳ ڀوٽان حڪومت 1972 ۾ ان جي چوٿين بادشاه جيگمي سينگي وانگچڪ طرفان GNH کي مجموعي قومي خوشيءَ جو انڊيڪيٽر متعارف ڪرايو هيو. ڪيترن ملڪن جي آئينن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح شهرين جي خوشيءَ لاءِ لڳ ڀڳ جنهن ۾ زندگيءَ جو معيار يا شهرين جي عام ڀلائي جون شقون شامل ڪيون ويون آهن، جهڙوڪ:

پاڪستان 1973: آرٽيڪل 37 ۽ 38 زندگيءَ جي معيار ۽ عام ڀلائي.

جاپان 1947: آرٽيڪل 25 سماجي ڀلائي.

ڏکڻ ڪوريا 1987: آرٽيڪل 10 انساني وقار ۽ خوشي.

ترڪي 1982: آرٽيڪل 5 عوامي خوشحالي.

ڀوٽان 2008: آرٽيڪل 9 GNH.

برطانيه 2018 ۾ ”منسٽري آف لونلينيس“  ٺاهي ته جيئن اڪيلائپ جو مسئلو حل ڪجي.

  1. خوشيءَ جي وصف

مختلف فلاسافرن، مذهبي رهنمائن، سماجيات جي ماهرن، سياسي اڪابرن ۽ ٻين محققن پنهنجي پنهنجي حوالي سان خوشيءَ جي وصف ڏني آهي. مسئلاً خوشيءَ کي يوناني فلاسافر ارسطوءَ اخلاق جي دائري اندر فضيلت واري زندگيءَ سان گڏايو آهي. جيڪا عارضي لذتن کان مٿانهين آهي. فرانسس هچيسن جنهن يوٽيليٽيرينزم جي فلاسافي جو بنياد وڌو ان خوشيءَ کي سماجي ڀلائي ۽ اخلاقي احساس سان ڳنڍيو آهي. هچيسن مطابق جڏهن ڪو فرد گهڻن ماڻهن جي گهڻي خوشيءَ لاءِ ڪم ڪري ٿو ته اهو وڌيڪ خوش رهي ٿو.

آڪسفورڊ ڊڪشنري جي مطابق، خوشي اُهو ذاتي احساس آهي، جيڪو اطمينان ۽ خوشگواريءَ جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. پر اها هيدونڪ Hedonic يا لذت پرستي کان مختلف آهي. جيڪا صرف عياشيءَ جي دائري ۾ اچي ٿي. خوشيءَ جو مطلب آهي فرد جو اندروني سڪون، جنهن ۾ ڪا به خرابي، ٻين جا حق ڦٻائڻ، لذت پرستي، ٻين کي نقصان پهچائي خوشي حاصل ڪرڻ Sadism ۽ ٻيو ڪو به ڪُڌو ڪم ڪرڻ شامل نه هجي.

  1. ڇا شهرين کي خوشي ڏيڻ جو قانوني حق مليل آهي؟

ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهرين کي خوشي حاصل ڪرڻ جي جستجو جو حق آئين ۾ ڏنو ويو آهي. پر رياست طرفان شهرين کي آئين تحت خوشيءَ جو قانوني حق فراهم ڪرڻ جي دعوى نه ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته خوشيءَ کي قانوني حق طور شامل ڪرڻ سان حڪومت تي آئيني ذميواري لاڳو ٿيندي ته هُو ان تي عمل ڪرائي، جيئن شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت جو آئيني حق شهرين کي مليل آهي.

پر حڪومتون پنهنجي شهرين لاءِ اهڙو قانوني، معاشي، سماجي ۽ مادي ترقيءَ جو بنياد مُهيا ڪندي آهي ته جيئن هر شهري پنهنجي خوشي حاصل ڪري سگهجي، جنهن ۾ ان جو روزگار، آمدني، سياسي ۽ سماجي آزاديون، انهن جا انساني حق محفوظ هجن ته جيئن شهري پاڻ کي خوش رکن. انهيءَ ڪري عالمي خوشيءَ جي رپورٽ World Happiness Report ۾ جيڪي ملڪ ترقي ڪيل آهن، اُتي جي شهرين جي خوشي جو انڊيڪس وڌيڪ آهي. جنهن ۾ دنيا جا 10 ملڪ مٿانهين سطح تي آهن، جن ۾ فن لينڊ، ڊينمارڪ، آئس لينڊ، سوئيڊن، نيدرلينڊز، ڪوسٽاريڪا، ناروي، اسرائيل، لڪسمبرگ ۽ ميڪسيڪو اچي وڃن ٿا. جڏهن ته پاڪستان عالمي خوشيءَ جي رپورٽ 2025 مطابق 147 ملڪن مان 109 نمبر تي آهي.

  1. ڇا شهرين کي خوشي مهيا ڪرڻ لاءِ حڪومت ذميوار آهي؟

جيئن پهريون ذڪر ڪيو ويو آهي ته شهرين کي خوش رکڻ لاءِ حڪومت پنهنجي پاليسي، پروگرام ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي هڪ مضبوط مادي بنياد مهيا ڪندي آهي ته جيئن اُهي پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ رستا ڳولهين. خوشي هوا ۾ نه ملندي آهي پر شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت انهن جي آزادي ۽ انساني حقن جو تحفظ انهن لاءِ صحت، تعليم، پيئڻ جو پاڻي، کاڌو، روزگار، آمدني، تفريح جا موقعا، ثقافتي پروگرام ۽ ڏکي وقت ۾ انهن جي مدد ڪرڻ شامل آهن. جيئن جڳ مشهور انسانيت پرست نفسياتي ماهر ابراهيم ماسلو جي مطابق جيئن جيئن ماڻهن جون ضرورتون پوريون ٿين ٿيون ته ماڻهو پاڻ کي خوش رکي ٿو.

جن ملڪن ۾ خوشيءَ جو انڊيڪس وڌيڪ آهي. اُتي گهڻو ڪري انهن جي قومي پيداوار جي ڊي پي  به وڌيڪ آهي. جيئن ڊينمارڪ جي في ڪس جي ڊي پي 69,273 آمريڪي ڊالر، سوئيڊن 57,213 ۽ فن لينڊ 54,774 في ڪس جي ڊي پي آمريڪي ڊالر آهي ۽ اُتي جمهوري نظام به مضبوط آهن. انهن جي انساني آزادين ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ٿو ۽ اُتي عام ڀلائيءَ جا پروگرام به موجود آهن. جيئن ته 19هين صديءَ جو مشهور برطانوي فلاسافر جيڪو ٻه ڀيرا برطانيه جو وزيراعظم 1868 ۽ 1874-1880 بنجامن ڊزرائيلي Benjamin Disraeli مطابق “سياسي طاقت صرف ۽ صرف شهرين جي خوشيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي”. هن وقت حڪومتن تي آئيني فرض آهي ته هُو پنهنجي شهرين کي خوش رکڻ لاءِ ذميواري کڻن.

پڄاڻي

شهرين جي خوشيءَ لاءِ حڪومت جي ذميواريءَ جو تصور 18هين صديءَ کان شروع ٿيو. جيتوڻيڪ خوشي قانوني حق نه آهي، پر مختلف ملڪن جي آئين ۾ زندگيءَ جي معيار ۽ عام ڀلائيءَ جون شقون شامل آهن. معاشي ترقي، سماجي سڌارا، انساني آزاديون ۽ بنيادي حقن جي حفاظت شهرين جي خوشيءَ لاءِ مادي بنياد فراهم ڪن ٿا. ورلڊ هيپينيس رپورٽ (2012 مطابق، ترقي يافته ملڪن ۾ خوشيءَ جو انڊيڪس وڌيڪ آهي. بنجامن ڊزرائيليءَ جي قول مطابق، حڪومتن جو فرض آهي ته هو پنهنجا وسيلا شهرين جي خوشيءَ لاءِ استعمال ڪري.

هاڻي سياست، رياست ۽ حڪومت جو محور صرف ۽ صرف شهرين جي خوشيءَ لاءِ هئڻ گهرجي.

(همسري ميگزين جي ٿورن سان)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.