پيپلزپارٽي جو 27هين آئيني ترميم کي رولڙي ۾ وجهڻ تي غور ويچار؟

اسلام آباد (اسد طور) آئيني عدالت جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. ذريعن موجب، آئيني عدالت جي چيف جسٽس لاءِ جن نالن تي غور ڪيو پيو وڃي انهن ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر شامل آهن. قاضي فائز عيسيٰ جي رويي سبب سندس چيف جسٽس بڻجڻ جا امڪان گهٽ آهن. جسٽس امين الدين خان بابت اها ڳالهه به آهي ته کيس چيف اليڪشن ڪمشنر بڻايو ويندو. پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ ٻنهي ۾ آئيني عدالت تي اتفاق آهي. ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ اڃا به غور ڪري رهي آهي ته آئيني بينچ ۾ ججن کي اچڻ لاءِ به اسان جا ٿورا کڻڻا پون ٿا ۽ ٻاهر ڪڍي به سگهجي ٿو ته اها ئي وڌيڪ بهتر آهي. آئيني عدالت ۾ ججن جو مدو مقرر ٿي ويندو ۽ رٽائرمينٽ تائين اتي ئي رهندا، اتي سندن رويي ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. اسٽيبلشمينٽ پاران 27هين آئيني ترميم ٻن هفتن ۾ ڪرائڻ جو هدف آهي. ان حوالي سان ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن. پيپلزپارٽي ۽ ٻين ذريعن موجب، آئيني ترميم ايتري سولائي سان نه ٿيندي. پيپلزپارٽي کي ٻن شين تي خدشا آهن جيڪي 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ آهي جنهن تي هو ڪيتري حد تائين سرينڊر ڪري سگهندا؟ ڇا آرٽيڪل 243 ۾ جيڪي خواهشون آهن انهن کي پورو ڪرڻ ۾ پ پ سهڪار ڪري ته 18هين ترميم ۾ کين رعايت ڏني ويندي؟ پيپلزپارٽي اين ايف سي ايوارڊ جي ڏيتي ليتي آرٽيڪل 243 سان ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. ڇو ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي ساٿ نه ڏيندي ته اڪثريت ڏکي ٿي ويندي ڀلي کڻي ٻيا سڀ اچي وڃن. ڇو ته پيپلزپارٽي کي گهڻو ڪجهه وڃائڻو پئجي رهيو آهي. سنڌ ۾ پنهنجي قوت وڃائيندي، صدر جا اختيار به وڃائيندي. ن ليگ ذريعا چون ٿا ته اسان ته هائبرڊ نظام ۾ آهيون، وفاق، پنجاب ٻئي اسان وٽ آهن ته اسان ڪا مزاحمت نٿا ڪري سگهون. هڪ دليل اهو آهي ۽ بحث هلي رهيو آهي ته جنگي ڪمانڊ ۽ ڪو آرڊينيشن بهتر ڪرڻ جي ضرورت کي ڏسندي آرمي چيف کي فوجي ۽ نيوڪليئر صلاحيتن جو عملي ڪنٽرول ڏنو وڃي. فيلڊ مارشل، آرمي چيف جي عهدي کي ايتري قوت ڏني وڃي جو هو سپريم ڪمانڊر يا چيف آف ڊفينس اسٽاف جهڙا اختيار استعمال ڪندو. ان جو سبب اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ڊگهي ڪمانڊ چين ۽ اجازت نامڪن جي ڪري فوري رد عمل ڏيڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. اهڙي ريت هو مقرريون، ترقيون، ايڪسٽينشن سميت ٻيا معاملا به ڏسي سگهندو. عملي طور تي ٽئي ڊفينس فورسز ۽ نيوڪليئر ڪمانڊ آرمي چيف، فيلڊ مارشل جي ڪمانڊ ۾ اچي وڃن. مقصد اهو به آهي ته سويلين ڊومين مان اختيار نڪري فوجي ڊومين ۾ اچي وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.