تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران 27 هين ترميم خلاف مزاحمت جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه زين شاهه، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ۽ ٻين سان گڏ ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ جي آئين جا بنياد اڳ ۾ ئي لڏي رهيا آهن ۽ هاڻي سول حاڪميت ختم ڪرڻ، صوبن جي مالياتي حصي کي گهٽائڻ، ڪورٽ جي باقي رهيل حيشيت ختم ڪرڻ ۽ سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ هٿ چراند ڪرڻ لاءِ 27هين آئيني ترميم آندي پئي وڃي، جنهن خلاف آئين جو تحفظ ڪندڙ هي اتحادي فورم مزاحمت ڪندو ۽ جيڪڏهن سنڌ جي اندر نون صوبن ٺاهڻ ۽ اين ايف سي ايوارڊ مان ڪٽوتي ڪئي وئي ته سنڌ ۽ هي اتحاد سخت مزاحمت ڪندو، هن چيو ته موجوده حڪومت هٿرادو طور ٺهيل آهي، رياست جا ادارا پنهنجن آئيني حدن کي ٽپي ڪم ڪري رهيا آهن،گهرو وزارت سميت سموري پارليامينٽ جو ڪوبه ڪردار موجود نه آهي ۽ هن ملڪ کي فقط آئين تحت ئي هلائي، ان لاءِ ملڪ اندر آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان طرفان سموري ملڪ ۾ 14 نومبر کان هڪ سجاڳي مهم شروع ٿي رهي آهي، جنهن جو پهريون مرڪزي جلوس حيدرآباد ۾ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ اتحاد ۾ شامل سمورين سياسي پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ شرڪت ڪندا، حليم عادل شيخ چيو ته 27 هين ترميم جي پويان اصل ويٺل ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر نڪرڻ واري آهي، ڪنهن به اڻ چونڊيل ۽ ڪوڙي پارليامينٽ کي اهو حق حاصل نه آهي ته هو آئين ۾ ڪا ترميم ڪري سگهي ٿي، آئين اڳ ئي ٽوڙيو ويو آهي، نه انصاف جي حڪمراني آهي ۽ نه اظهار جي آزادي۔ هاڻي آئين کي وڌيڪ ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.