راولپنڊي(عوامي آواز رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته باني عمران خان سان ملاقات کان پوءِ ئي 27هين آئيني ترميم بابت پنهنجو سرڪاري ردعمل ڏينداسين، هن مسئلي تي سياسي ڪميٽي ۾ صلاح مشورا ٿي رهيا آهن ۽ ان سان لاڳاپيل حڪمتِ عملي جوڙينداسين.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ به عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ٿي رهي آهي، ٻه سال گذرڻ باوجود عدالتن جي حڪمن تي عمل نٿو ٿئي، عدليه اڳ به تڪراري رهي آهي، پر 26هين ترميم اڳ ئي ملڪ ۾ ڏار وجهي ڇڏيا ۽ هاڻي 27هين ترميم اچي رهي آهي، جنهن بابت سنجيده سوال اڀري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته تعليم ۽ آبادي بهتري واري شعبي کي صوبن کان واپس وٺڻ سان صوبائي نظام کي وڏو نقصان ٿيندو. ”18هين ترميم قومي اتفاق سان ٿي هئي، ان کي رول بيڪ ڪرڻ رياست، جمهوريت ۽ عوام جي حقن خلاف هوندو،صوبن جو حصو گهٽائڻ جي ڪوشش آئين جي خلاف هوندي، صوبن جي اتفاقِ راءِ کانسواءِ ڪنهن به آئيني شق يا صوبائي اختيارن کي نه ڇييڙيو وڃي،هن چيو ته پهريان ”آئيني عدالت“ جوڙڻ جي ڳالهه ٿي، پوءِ ”آئيني بينچ“ جو تصور ڏنو ويو، جنهن تي به ڪو اتفاقِ راءِ موجود ناهي، اهڙي هر قدم سان عدليه جي آزادي متاثر ٿيندي،ٻئي پاسي سينيٽر علي ظفر چيو آهي 27هين ترميم بابت بلاول ڀٽو جيڪو لکيو آهي، اهو آئين کي ختم ڪرڻ جي برابر آهي.حڪومت کي ئي خبر ناهي ته ڪهڙي ترميم اچي رهي آهي، يا وري کين خبر ئي ناهي ته اها ڪا ٻي قوت آڻي رهي آهي.