ننڍڙي وهيءَ ۾ ڳوٺ واري هوٽل تي ڪيئي بالي ووڊ فلمن ڏٺيون، جيڪي من اندر پيهي ويون. ڳوٺن ۾ مار ڌاڙ وارين فلمن جو راڄ هوندو هو/آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪي مست ملنگ گيتن جي فرمائش ڪندا هئا، اسان جي ڳوٺ ۾ به ڪي ماڌوريءَ جا ديوانا هئا، ڪي راني جا، ته ڪي وری سُشميتا سين جي ادائن جا عاشق..! ڳوٺ ۾ گهڻي ڀاڱي سني ديول جي رعبدار شخصيت جا پرستار هئا، کين شاهه رخ خان کان چڙ هئي ۽ سلمان خان ته انهن کي ٺپ نه وڻندو هو.
نوي واري ڏهاڪي جي مشهور ايڪشن فلم آهي ”جيت“، فلم جي ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ آهي، جن ڏٺي آهي سي ڄاڻن ٿا، جن ناهي ڏٺي، سي ڏسي لطف ماڻي سگهن ٿا.
ان فلم ۾ تُلسي ٻائي (تبو)، ڪَرن (سني ديول) سان محبت ڪري ٿي، پر اها محبت هڪ طرفي هوندي آهي. ڪرَن ته اصل ۾ ڪاجل (ڪرشما ڪپور) جي عشق ۾ وڪوڙيل هوندو آهي. تُلسي ٻائي پنهنجي من جي آنڌ مانڌ لڪائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندي آھي.
پر اِياز چواڻي” اکيون اکين ساڻ ڳالهين ٿيون ڳجهه ۾“، هوءَ ته ڪرن سان بي انتها محبت ڪندي آهي، اِها چاهت ڪٿي لڪي سگهي ٿي؟
فلم ۾ تُلسي ٻائيءَ جي خاموشي، قرباني، جذبن ۽ احساسن کي هڪ نئين سطح تي وٺي وڃي ٿي. ان ئي فلم جو هڪ گيت ڏاڍو مشهور ٿيو هو، جڏھن تُلسي ٻائي پنهنجي محبوب( ڪَرن) آڏو ڇِيرن جي ڇمڪارَ ڪري ٿي ۽ ڪَرن ڪاجل جي يادن ۾ ٻڏو پيو آھي۽ تُلسي ٻائي ڳائي ٿي:
ڪڀي سوچتي هين، اُنهين هم ڀلا دين،
ڪڀي سوچتي هين، اُنهين ياد ڪر لين…
ڪڀي هم جدائيءَ ڪي صدمي اُٺا لين،
ڪڀي هم اڪيلي مين فرياد ڪر لين…
دِل ڪا ڪيا ڪرين صاحِب؟
هم اُنهين په مرتي هين…!
جُرم بس اِتنا هي،
جُرم بس اِتنا هي…
اُن سي پيار ڪرتي هين…!
اڄ اِنهيءَ تُلسي ٻائيءَ يعني تبوءَ جو جنم ڏڻ آهي، سو سوچيم ڇو نه انهيءَ کي سارجي جنهن اسان جي ننڍپڻ کي سهڻو بڻايو ۽ هاڻي جوانيءَ ۾ به ڇرڪائي رهي آهي (يقين نه اچيوَ ته سندس فلم ” خفيه “ڏسي وٺو..!)
تبوءَ جو فلمي سفر اٽڪل چئن ڏهاڪن تائين پکڙيل آهي، پر هوءَ ڪم جي پٺيان ڊوڙڻ وارن مان نه آهي.ان حوالي سان هڪ واري هن مُرڪندي چيو هو ته ”مون کي ڪم ڪرڻ جو شوق ئي ناهي، مان ته رڳو پنهنجي ماڻهن سان ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، جتي مان چلولايون ڪري سگهان، مان پنهنجي جيون ۾ خوش آهيان.“
تبو جنهن پورو نالو تبسم فاطمه هاشمي آهي، ھن جو تعلق ڀارتي/حيدرآبادي مسلم ڪٽنب سان آهي، سندس پيءُ جمال ھاشمي ستر جي ڏهاڪي ۾ پاڪستاني فلمن ۾ اداڪاري ڪندو رهيو، پر پوءِ هوءَ پنهنجي زال رضوانه ساڻ رهڻ لاءِ واپس ڀارت موٽي ويو.
تبو ٽن ورهين جي هئي جڏهن سندس پيءُ خاندان کي ڇڏي ڏنو.سندس وڏي ڀيڻ فرح به فلمن ۾ ڪم ڪيو، وو اُها ئي فرح جنهن لاءِ سنجي دت فلم ”ايماندار“ ۾ اسٽيچ تي اِهو گيت ڳايو هو:
”اور اِس دِل مين ڪيا رکا هي، تيرا هي درد ڇُپا رکا هي.“
سندس ماءُ ماسترياڻي هئي، جڏهن ته ناني ۽ نانو رٽائرڊ پروفيسر هئا، ھو ٻيئي هڪ اسڪول هلائيندا هئا.
سندس ڏاڏو محمد احسن رياضيءَ جو پروفيسر هو، ۽ ڏاڏي انگريزي ادب پڙهائيندي هئي. هي سارو ڪهول اهڙو هو، جتي فلمون ۽ ادب گڏ گڏ هلندا رهيا.
تبوءَ پنهنجي شروعاتي تعليم سينٽ اين هاءِ اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، پوءِ اڻويهه سئو ٽياسي ۾ ممبئي هلي وئي ۽ سينٽ زيويئر ڪاليج ۾ ٻه سال پڙهي، هوءَ شبانه اعظمي، تنوي اعظمي ۽ بابا اعظمي جي ڀاڻيجي آهي، پر ميڊيا ۾ پنهنجي خانداني پس منظر تي ڳالهائڻ کان هميشه لنوائيندي رهي آهي.
تبو يارنهن ورھين جي عمر ۾ چائلڊ آرٽسٽ طور فلم ”بازار“ ۾ ڪم ڪيو ۽ وري چوڏھن سالن جي ڄمار ۾ ”هم نوجوان“ ۾ نظر آئي، جنهن ۾ هن ليجنڊري ديو آنند جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو، هن جي پهرين فلم ” پهلا پهلا پيار “ هئي جنهن ۾ رشي ڪپور سان مُک ڪردار ادا ڪيو هو، پر”وجئه پت“ذريعي کيس هندي فلمن ۾ سڃاڻ ملي.
تبو هڪ ورسٽائل اداڪارا آهي، جيڪا ”مقبول“، ”فتور“، ”چاندني بار“ ۽ ”حيدر“ جهڙين فلمن ۾ نظر اچي ٿي ته سندس سنجيدا اداڪاري ڏسي حيرت ٿئي ٿي، پر جڏهن هوءَ روهت شيٽي جي مشهور فلم سيريز ”گول مال“ جو حصو بڻجي ٿي ته ذهن ۾ سوال اڀري ٿو” ڇا هيءَ ساڳي تبو آهي؟“
مختلف قسم جي ڪردارن بابت هوءَ چوندي آهي ته” جڏهن مان سنجيدا ڪردار ڪريان ٿي ته مداح پڇن ٿا ته مان مزاحيه فلمون ڇو نٿي ڪيان، ۽ جڏهن مزاحيه فلمون ڪريان ٿي ته سنجيدا ڪردارن جي اميد رکي وڃي ٿي .“
هوءَ مڃي ٿي ته ”اڄ ڪلهه ڇا به ڪجي، سڀني کي متاثر نٿو ڪري سگهجي، تنهنڪري مان اِها ڪوشش به ناهيان ڪندي ته سڀ خوش ٿين.“
تبوءَ پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ اميتاڀ بچن سان ھڪ رومانوي فلم ”چيني ڪَم“ ڪئي ھئي، اِها اهڙي فلم هئي جنهن کانپوءِ اهڙيون جوڙيون ٺهڻ لڳيون جن جي عمر جو فرق نمايان هو.
هن پنهنجي ڪيريئر دوران ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا، پر اِهو طئي ڪيائين ته هوءَ ڪڏهن به آتم ڪٿا (آٽو بائيوگرافي) نه لکندي.
تبو جي ذاتي زندگي شادي نه ڪرڻ واري فيصلي سبب ميڊيا جو سڀ کان وڏو مسئلو بڻيل رهي آهي، چيو وڃي ٿو ته هوءَ اجئه ديوگن کي پسند ڪندي هئي، پر اجئه جي ڪاجول سان شاديءَ کانپوءِ هن زندگي ڀر شادي نه ڪرڻ ۽ اڪيلي رهڻ جو پهه ڪيو.
جڏهن ان فيصلي بابت کائنس پڇيو ته ويو ته ھن ٻڌايو ته ”مان مسلسل ڪم ڪري رهي هيس ۽ دنيا کي پنهنجي سوچ پٽاندر ڏسڻ جي خواهش هئي، جيڪڏهن مان سڀ ڪجهه ڇڏي ڏيان ها ته اهو منهنجي ۽ منهنجي صلاحيتن لاءِ نقصانڪار هجي ها.“
سندس چوڻ هو ته ” هڪ مثالي رشتو اُهو آهي جتي ٻه ماڻهو هڪ ٻئي جي زندگيءَ ۾ رهي ترقي ڪن، رشتا آزاد ڪرڻ لاءِ هوندا آهن، دٻائڻ لاءِ نه.“
ياد ٿو اچيم گلزار صاحب تبوءَ سان فلم ”ماچس“ ٺاهي هئي، جيڪا ڀارت جي سياسي ۽ سماجي صورتحال تي ٻڌل هئي.
ان جو خوبصورت گيت ”پاني ري پاني، کاري پاني ري “ (لتا منگيشڪر جي آواز ۾) فلم جي سڀ کان اثرائتي منظرن مان هڪ آهي.گيت جي ڌُن ۾ پوئل احساس جنهن ۾ وڇوڙي، يادن ۽ بيوسيءَ جو سمنڊ ڇوليون ماري رهيو آهي.
گلزار جا ٻول انسان جي اندرين ڏُک، ڇَڪ، ٿَڪ ۽ وجود جي ڀڃ ڊاهه جو قصو بيان ڪن ٿا.
پاڻي هونئن ته جيون جل آهي، پر جڏهن انسان جا دک ۽ وقت جون تلخيون ان ۾ ملي وڃن ٿيون ته اُهو به کارو ٿي وڃي ٿو، جيئن زندگيءَ جو سفر، جيڪو وهندي وهندي پنهنجي مٺاڻ وڃائي ويهي ٿو.گلزار جا لفظ ۽ وشال ڀردواج جي ڌُن ڪنهن کي به سُن ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
سمپورن سنگھه گلزار، جنهن جو من اڄ به ”دينا“ جي گهٽين منجهه ڀٽڪي رهيو آهي، سندس لکڻين ۾، پوءِ کڻي اهي گيت هجن، افسانا يا نظم، هميشه هڪ ئي شيءِ محسوس ٿئي ٿي” ورهاڱي جا گهاوَ، ترپندڙ ماضي، جيڪو هاڻي اونداهين حال جو روپ ڌاري چڪو آهي ۽ مستقبل بہ اکين کان اوجهل نظر پيو اچي.“
خير، پنهنجو مقصد تبوءَ جي فن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ هو ۽ آئون ڪٿان کان ڪاڏي نڪري آيو آهيان…! سو، تبوءَ پنهنجي فن ذريعي سئنما کي سيکاريو آهي ته آرٽ کي ڪيئن هاڪاري انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
وشال ڀردواج جهڙن هدايتڪارن هن کان سندس زندگيءَ جو بهترين ڪم ورتو آهي، ” مقبول“ ۽ ”حيدر“ جهڙين فلمن ۾ سندس ڪردار سندس صلاحيتن جي شاهدي آهن، پنهنجن ڪردارن جي ڇاپ سان انوکن ۽ اڇوتن موضوعن کي وڏي پردي تي امرتا بخشيندڙ تبسم فاطمه هاشمي کي جنم ڏڻ جو انيڪ واڌايون.