ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ چهرا نه نظام تبديل ٿيڻ جي ضرورت آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته آئين سان هٿ چراند قبول ناهي، نه 26هين آئيني ترميم کي قبول ڪيو نه 27هين کي قبول ڪنداسين، ملڪ جو آئين هڪ گڏيل دستاويز آهي، فارم 47 جو سسٽم ماڻهن کي رليف نٿو ڏئي سگهي.
هن چيو ته اسان 26هين ترميم کي رد ڪيو، ڇو ته ان عدليا جي خود مختياري کي نقصان پهچايو، 27هين ترميم ذريعي هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلين جو اختيار حڪومت کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙيون ترميمون آئين ۽ جمهوريت ٻنهي سان ڀوڳ آهن.
You might also like