اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان واضح ڪيو آهي ته 27هين آئيني ترميم ڪنهن به صورت ۾ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين، ڇو ته ان جا اثر ملڪ جي آئيني ۽ سياسي بنيادن لاءِ خطرناڪ هوندا ۽ ملڪ جا بنياد لُڏي ويندا.
اسلام آباد ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي صدر محمود خان اچڪزئي جي قيادت ۾ هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو.
اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته اجلاس طلب ڪرڻ جو مقصد ملڪ ۾ آئيني ۽ سياسي خدشن کي اجاڳر ڪرڻ هو، 27هين آئيني ترميم ذريعي هڪ پينڊورا باڪس کوليو ويو آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي تازي ٽوئيٽ سان ڳڻتي ۾ واڌ ٿي آهي، پ پ جو ڪردار رڳو ڏيکاءَ لاءِ آهي، جڏهن ته فيصلو اڳ کان طئي ٿيل آهي.
هن پ پ قيادت تي تنقيد ڪندي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين جو بنياد رکيو ۽ بينظير ڀٽو جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون پر اڄ پ پ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ان موقعي تي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته ملڪ ۾ ڏاڍ جو نظام لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ شهرين کي آئيني حق نه پيا ملن، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ان ترميم کي منظور ٿيڻ نه ڏيندي ۽ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ ٻين تنظيمن سان گڏجي ان خلاف عوامي آگاهي مهم هلائي ويندي.
اڳوڻي گورنر محمد زبير، نواز شريف کي درخواست ڪئي ته هو 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن تي موقف واضح ڪري ۽ پنهنجي ويجهن حلقن کي اهڙن قدمن کان روڪي.
27هين ترميم سان ملڪ جا بنياد لُڏي ويندا، منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: اپوزيشن اتحاد
You might also like