ملڪي سياسي تاريخ مان سکڻ جي جيڪا ڳالهه آهي، سا اها آهي ته تجربن سان ملڪ نه هلندا آهن. جڏهن به حڪمران طبقي کي پنهنجي نااهلي، ناقص پاليسين ۽ بدانتظاميءَ کي لڪائڻ لاءِ ڪو نئون نعرو کپندو آهي ته تڏهن اهي ڪو نئون تجربو ڪرڻ جو سوچيندا آهن. ڪڏهن اسلامي سوشلسٽ نظام، ڪڏهن حقيقي جمهوري انقلاب ۽ ڪڏهن ون يونٽ جي نالي سان ملڪ اهڙا تجربا ڪيا ويا ويندا آهن، جن جو ازالو ممڪن ئي ناهي هوندو يا اهڙين غلطين جي سزا نسل ڀوڳيندا آهن. هاڻي وري ساڳيو بحث ٻي صورت ۾ شروع ٿيو آهي، ڪجهه حلقا ملڪ جي ترقيءَ جو نئون فارمولو نوان صوبا ٺاهڻ جي صورت ۾ پيش ڪري رهيا آهن، ڄڻ ته رڳو انتظامي ورهاست سان ملڪ جي حالتن ۾ انقلاب اچي ويندو، غربت ختم ٿي ويندي ۽ حڪومتي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري اچي ويندي. پر تاريخ جي ورقن مان هڪ ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته نوان صوبا ٺاهڻ ملڪ کي متحد نه پر وڌيڪ ٽڪرن ۾ ورهائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ون يونٽ واري نظام کي ياد ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي اهو مرحلو هو جڏهن ملڪ کي هڪ صوبو بڻائڻ جو نعرو مڙهيل هو. ان وقت به اهو چيو ويو هو ته جيڪڏهن سڄو ملڪ هڪ يونٽ ۾ گڏ ٿي وڃي ته وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ٿيندي، انتظام سادو ٿيندو، ترقيءَ جي رفتار وڌندي ۽ وفاق مضبوط ٿيندو. پر نتيجو ڇا نڪتو؟ ون يونٽ نه رڳو سنڌ، بلوچستان، ۽ خيبر پختونخوا (ان وقت جي سرحد) جي قومي سڃاڻپ کي مجروح ڪيو، پر اهو عمل وفاق جي وحدت کي اهڙو ڌڪ ڏئي ويو جو ملڪ ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو. بنگلاديش جو قيام دراصل ون يونٽ جي سياسي ۽ آئيني ظلم جو ردعمل هو.اڄ جڏهن وري ڪجهه سياستدان نون صوبن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، ته اهو خدشو آهي ته تاريخ وري ساڳي غلطيءَ جي ورجاءُ ڏانهن وڌي رهي آهي. ملڪ جي ترقي لاءِ انتظامي سطح تي تبديليءَ کان وڌيڪ ضروري ڳالهه اها آهي ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اختيار هيٺاهين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن. جيڪڏهن ضلعي ۽ يوسي سطح تائين ماڻهن کي پنهنجن وسيلن ۽ فيصلا سازيءَ تي اختيار نه ملندو، ته نوان صوبا ٺاهڻ سان ڇا حاصل ٿيندو؟
تازو پنجاب اسيمبليءَ ۾ جيڪو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، ان ۾ بلڪل درست ڳالهيون سامهون آيون آهن. اسيمبليءَ ۾ چيو ويو ته ملڪ جي جمهوريت جو بنياد تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن مڪاني حڪومتن کي سياسي، انتظامي ۽ مالي خودمختياري حاصل هوندي. نئون صوبو ٺهڻ سان ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته نئون صوبو ٺهڻ سان ماڻهن کي صاف پاڻي، روزگار، تعليم ۽ صحت جون سهولتون ملنديون؟ جيڪڏهن موجوده صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ۽ انتظامي شفافيت ممڪن ناهي، ته نئون صوبو به اهڙي ئي ڪرپٽ ۽ ناڪام بيوروڪريسيءَ جي حوالي ٿي ويندو. حقيقت ۾ نئون صوبو ٺهڻ سان رڳو نيون اسيمبليون، نوان وزير، نوان مشير ۽ نيون آفيسون وجود ۾ اينديون پر ماڻهن جا بنيادي مسئلا اڃا به وڌندا، اهو ئي تجربو اسان کي ون يونٽ کان پوءِ به ٿي چڪو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جتي به وفاقي نظام ڪمزور ٿيو، اتي صوبائي يا علائقائي تحريڪون زور وٺنديون ويون. پر ان جو حل نوان صوبا ٺاهڻ ناهي، پر موجوده صوبن اندر اختيار جي منصفاڻي ورهاست ۽ وسيلن جي شفاف استعمال ۾ آهي. جيڪڏهن هر ضلعي کي پنهنجي بجيٽ، منصوبابندي ۽ نگرانيءَ جا اختيار ملي وڃن، ته نه رڳو بدعنواني گهٽبي، پر عوام ۾ وفاقي نظام تي اعتماد وڌندو.ملڪ اڳ ۾ ئي معاشي بحران، سياسي بييقيني ۽ سماجي ورهاست جو شڪار آهي. اهڙي حالت ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو نعرو رڳو هڪ نئون ورجاءُ بڻجي سگهي ٿو، جيڪو ماڻهن کي اصل مسئلن کان پري رکي رڳو نئين بحث ۾ الجهائيندو. ون يونٽ جي زماني ۾ به ساڳي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي هئي جڏهن ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته ون يونٽ جو نظام ملڪ جي وحدت کي مضبوط ڪندو، پر سڀني ڏٺو ته نتيجو ان جي ابتڙ نڪتو. تجربن جي هن تاريخ مان جيڪڏهن اسان اڃا نه سکيا آهيون ته پوءِ يقينن ملڪ ۾وري ڪو نئون سانحو اڻٽر بڻجي ويندو.
ملڪ کي ترقيءَ جي ضرورت ضرور آهي، پر ترقي جو مطلب رڳو نوان نقشا ٺاهڻ ۽ نيون اسيمبليون اڏڻ هرگز ناهي. ترقيءَ جو اصل مطلب آهي ته عوامي سطح تي فيصلا سازيءَ جو حق، وسيلن تي برابريءَ جي رسائي ۽ اختيارن جي حقيقي منتقلي. اهو ڪم تڏهن ٿيندو جڏهن مڪاني حڪومتن کي آئيني تحفظ حاصل ٿيندو، ان جو مدو مقرر ٿيندو ۽ ڪنهن به سياسي پارٽي کي اهو حق حاصل نه هوندو ته هو پنهنجي مفادن لاءِ انهن کي معطل ڪري ڇڏي.حقيقت ۾ ملڪ کي نوان صوبن جي نه پر نئين سوچ ۽ نئين ايمانداري واري حڪمراني جي ضرورت آهي. جڏهن هر ضلعي، هر شهر ۽ هر ڳوٺ کي پنهنجي وسيلن، منصوبن ۽ فيصلن تي اختيار ملندو، تڏهن وفاق مضبوط ٿيندو. ون يونٽ جهڙا تجربا يا نون صوبن جا نعرا رڳو ماڻهن کي ورهائڻ ۽ اقتدار جي سياست کي طول ڏيڻ جا حربا آهن. سو، ملڪ جي سياستدانن کي هاڻي اهو فيصلو ڪرڻو آهي، تجربن جي سياست ڇڏي ملڪ جي بهتري لاءِ سوچين ۽ اثرائتا قدم کڻڻ.