ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ملير ڪينٽ چيڪ پوسٽ نمبر 6 ڀرسان ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 35 ورهين جو ايف آءِ اي آفيسر فوت ٿي ويو.
پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ محمد ايوب خان جي نالي سان ٿي، جيڪو ايف آءِ اي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر هو ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڊيوٽي تي مقرر هو.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته ايف آءِ اي آفيسر ڊيوٽي ڪري گهر وڃي رهيو هو ته ڊمپر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو، حادثي کانپوءِ ڊمپر ڊرائيور انور خان کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جو ڊرائيونگ لائسنس 16 آڪٽوبر 2025 ۾ ايڪسپائز ٿي چڪو آهي.
Prev Post
You might also like