آزاد ڪشمير جي سياست ۾ تبديلي، نون ليگ جو پ پ کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار

 اسلام آباد (م ڊ) آزاد ڪشمير ۾ اِن هائوس تبديلي واري معاملي تي مسلم ليگ (ن) جي اجلاس جي اندوروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب، آزاد ڪشمير ۾ اِن هائوس تبديلي بابت ٿيل مسلم ليگ (ن) جي اجلاس ۾ احسن اقبال، رانا ثناءُ الله ۽ ڪشمير معاملن بابت وزير انجنيئر امير مقام شرڪت ڪئي.ان کانسواءِ مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر، راجا فاروق حيدر خان سميت پارليماني پارٽي جي ميمبرن ۽ مرڪزي عهديدار به اجلاس ۾ شامل ٿيا. ذريعن موجب، آزاد ڪشمير ۾ حڪومت جي تبديلي بابت مسلم ليگ (ن) جي مشاورت مڪمل ٿي وئي آهي ۽ (ن) ليگ نئين وزيراعظم لاءِ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي تبديلي لاءِ مسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيندي پر آزاد ڪشمير ۾ نئين حڪومت جو حصو نه بڻجندي. ذريعن موجب، بي اعتمادي رٿ هڪ الڳ معاملو آهي ۽ قائدِ ايوان جي چونڊ ٻيو معاملو آهي، قائدِ ايوان جي چونڊ لاءِ (ن) ليگ پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي سان آزاد ڪشمير ۾ جلد اليڪشن بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا. ذريعن موجب، اجلاس ۾ سياسي رابطا ڪميٽي آزاد ڪشمير جي پارليماني پارٽي کي پيپلز پارٽي سان طئي ٿيل فارمولي بابت به اعتماد ۾ ورتو، مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي طرفان ايندڙ سياسي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو. پيپلز پارٽيءَ پاران وزیراعظم آزاد ڪشمير چوڌري  انوار الحق کي عهدو ڇڏڻ لاءِ اڄ ٻن پهرن جو 2 وڳي تائين مهلت ڏئي ڇڏي. ذريعن مطابق، پيپلز پارٽيءَ جي وزیراعظم آزاد ڪشمير چوڌري انوار الحق کي پيغام موڪليو آهي ته هو ٻن پهرن جو 2 وڳي تائين استعيفيٰ ڏئي ڇڏين. ٻئي طرف، وزیراعظم آزاد ڪشمير چوڌري انوار الحق پڻ بي اعتمادي جي تحريڪ جو مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ انوار الحق چيو هو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ نمبرز پورا آهن ته هو عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.