سنڌين نيشنل ڪانگريس جو شاگرد اڳواڻ غني امان کنڀجي ويو، ڌرڻا

ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ) سنڌين نيشنل ڪانگريس اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو چيف آرگنائيزر غني امان چانڊيو ڪراچي مان لاپتہ ٿي ويو آهي، جنهن بعد ڄامشوري ۽ ڪراچي ۾ شاگردن، سياسي ۽ سماجي ماڻهن پاران احتجاجي ڌرڻا هنيا ويا . وارثن موجب، غني امان کي ڪالهه (اڱاري) تي شام پنجين وڳي شاھراھ فيصل تي واقع خانگي اسپتال مان اڻڄاتل ماڻهن زبردستي کڻي ويا، جن مان ڪجهه وردي پوش ۽ ڪجهه سادا ڪپڙا پهريل هئا. واقعي جي وقت غني امان پنهنجي زال، ڀيڻ ۽ ڀاءُ سان گڏ ٻارڙين جي علاج لاءِ اسپتال ۾ موجود هو. غني امان جي گهر ۾ ڏيڍ مهينو اڳ جاڙين ٻارڙين سڀيتا ۽ ڀومي جو جنم ٿيو هو، جيڪي پيدائش کان پوءِ علاج هيٺ آهن. وارثن جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ ڪنهن به اداري طرفان گرفتاري بابت اطلاع نه مليو، جنهن سبب کيس جبري طور کنڀيل قرار ڏنو پيو وڃي. غني امان جي گمشدگي خلاف ڄامشوري نيشنل هاءِ وي تي سندس امڙ، ساٿين ۽ شاگرد اڳواڻن ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ بند ٿي وئي.ان سان گڏ، ڪراچي پريس ڪلب آڏو پڻ ڌرڻو جاري رهيو، جنهن ۾ غني امان جي وارثن، وڪيل برادري، شاگرد اڳواڻن  شرڪت ڪئي. ڌرڻي جي اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته غني امان کي فوري طور ظاهر ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته هڪ طرف غني امان جون ٻارڙيون اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن ته ٻئي طرف سندن والد کي کنڀڻ انساني حقن ۽ همدردي جي ڀڃڪڙي آهي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن غني امان کي جلد ظاهر نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.اڳواڻن چيو ته قومي ڪارڪن غني امان چانڊيو کي پنهنجي معصوم ٻچڙن جي تيمارداري دوران رياستي ادارن پاران ڪراچي جي اسپتال مان کنڀي گم ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا. غني امان ڪو دهشتگرد ڪونهي هو، سنڌ وطن جو عاشق آهي جنهن کي اهڙي طرح اسپتال کي يرغمال بڻائي مريضن ۽ معصوم ٻارڙن ۾ دهشت ڦهلائي کنڀڻ وارو عمل انتهائي شرم ناڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.