ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽريڪ قانونن جي ڀڃڪڙين تي اي چالان سسٽم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ شروعاتي 6 ڪلاڪن ۾ شهرين تي سوا ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا ڏنڊ لڳايا ويا. ٽريفڪ پوليس جي جاري ڪيل رپورٽ موجب، ڪجهه ڪلاڪن ۾ مجموعي طور تي 2662 چالان جاري ڪيا ويا. سڀ کان وڌيڪ چالان سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ڪيا ويا جن جو انگ هڪ هزار 535 رهيو. هيلميٽ کانسواءِ موٽرسائيڪل هلائڻ تي 507، ريڊ لائيٽ ڪراس ڪرڻ تي 166 اوور اسپيڊنگ تي 419 چالان ڪيا ويا. اسٽاپ لائيٽ جي ڀڃڪڙي تي 4، ڪارن شيشن جا 7، غلط پارڪنگ جا 5، نو پارڪنگ زون ۾ گاڏي بيهارڻ تي 5، موبائيل فون جي استعمال تي 32 چالان جاري ڪيا ويا. غلط پاسي تي ڊرائونگ جا 3 ۽ لين لائن جي ڀڃڪڙي تي 3 چالان ڪيا ويا. عملدارن موجب، اي چالان نظام وڌيڪ علائقن تان وڌايو پيو وڃي ته جيئن بنا رشوت ۽ انساني مداخلت جي پاڻمرادي نظام تحت قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. ٻئي پاسي عوام سوشل ميڊيا تي ڪاوڙ ظاهر ڪئي آهي جڏهن ته ڪجهه هاڪاري رد عمل به ڏنو آهي. واهپيدار ناصر منصور لکيو ته شهرين جي سهولت لاءِ سٺو قدم آهي. زبير حيدر تنقيد ڪندي لکيو ته ڪراچي جهڙي خوبصورت ترين شهر ۽ شاندارروڊن تي هاڻي چالان 15 هزار کان 20 هزار رپين جو ٿيندو. عاطف حسين لکيو ته اي چالان لاءِ سيف سٽي جو انفرااسٽرڪچر رڳو ريڊ زون جي علائقن ۾ لڳل آهي. دانش قريشي لکيو ته هاڻي سنڌ حڪومت کي عوام کان پيسا وٺڻ لاءِ باقاعده سرڪاري لائسنس ملي ويو آهي. هڪ واهپيدر خدشو ظاهر ڪيو ته هيڪر ڪراچي وارن جي ڊيٽا گم ڪري سگهن ٿا. حاجي عابد لکيو ته روڊ ڀڳل ٽٽل پر چالان يورپ وارا ٿين ٿا جيڪو ظلم آهي.
-
ڪراچي ۾ اي-چالان سسٽم لُٽ مار جو ڪاروبار لڳي رهيو آهي:جماعت اسلامي
ڪراچي/جيڪب آباد (رپورٽر+ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ڊينگي وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ ۽ سرڪاري سهولتن جي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي زور ڏنو آهي ته سنڌ حڪومت کي ڊينگي وائرس جي مريضن سميت عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. ڪراچي جا روڊ تباھ آهن ۽ جرمانا وري دبئي ۽ عالمي معيار جا آهن. اي-چالان سسٽم لُٽ مار جو ڪاروبار لڳي ٿو، ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ بدران، حڪومت انھن جي مشڪلاتن ۾ ويتر اضافو ڪري رھي آھي.ضلعي جيڪب آباد جي صرف هڪ کاتي ۾ 25 ارب رپين جي ڪرپشن ۽ پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھيل تائين شهرين کي مٺي پاڻي کان عوام کي محروم رکڻ جمهوريت جي دعويدار حڪمرانن جي ناڪامي آهي. اھڙن خيالن جو اظهار هن لاھور ۾ رٿيل اجتماع عام جي تيارين جي سلسلي ۾ جيڪب آباد ضلعي جي عهديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي امداد الله بجاراڻي، محمد ابوبڪر سومرو ۽ ٻيا عهديدار پڻ موجود هئا. صوبائي امير سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، ڌاڙن ۽ اغوا جي واقعن کي حڪومت جي ناڪامي قرار ڏيندي چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄو صوبو ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي.