استنبول(م ڊ)اسلام آباد ۽ ڪابل جي وچ ۾ جاري ڳالهين کي بچائڻ جي آخري ڪوشش جاري آهي، پر افغان طالبان جو ضد اڃا تائين وڏي رنڊڪ آهي . ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور آچر ڏينهن استنبول ۾ شروع ٿيو هو، جيڪو قطر ۽ ترڪيا جي گڏيل ٽياڪڙي ۾ 18 ۽ 19 آڪٽوبر تي دوحه ۾ ٿيل پاڪستان-افغانستان ڳالهين جو تسلسل هو، جن ۾ سرحدي چڪرين کان پوءِ مستقل جنگ بندي جو معاهدو طئي ڪيو ويو هو. دوحہ ۾ ٿيل ڳالهين اهي جھڙپن کان پوءِ ٿيون، جيڪي پاک-افغان سرحد تي ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهيون. هڪ اعليٰ سيڪيورٽي ذريعي ٻڌايو ته "ٽئين ڏينهن ڳالهين 18 ڪلاڪن تائين جاري رهيون، جڏهن افغان طالبان جي وفد بار بار پاڪستان جي منطقي ۽ جائز مطالبن، يعني تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ دهشتگردي خلاف قابل اعتماد ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته افغان وفد مرڪزي مسئلي کي تسليم ڪيو هو، پر ڪابل کان هدايتون وصول ڪرڻ کان پوءِ انهن جو موقف تبديل ٿي ويو.سيڪيورٽي ذريعن مطابق "ڪابل کان ايندڙ غير منطقي ۽ غير قانوني هدايتون ڳالهين جي ناڪامي جو ذميوار آهن”، انهن چيو ته پاڪستان ۽ ميزبان ملڪن "تمام سنجيدگي ۽ ذميواري سان منجهيل معاملن کي حل ڪرڻ چاهيندا آهن.ذريعن موجب "جيڪڏهن ٻنهي ڌرين ڪافي نڪتن تي اتفاق ڪيو آهي، پر افغان سرزمين تي ڪم ڪندڙ دهشتگرد گروپن، خاص طور تي ڪالعدم ٽي ٽي پي، خلاف قابلِ تصديق ڪارروائي جو طريقيڪار اڃا تائين سڀ کان وڏو اختلاف جو نڪتو آهي.”افغان وفد جي هڪ رڪن چيو ته "افغان ڌر واضح ڪري چڪي آهي ته ڇڪتاڻ ڪنهن جي مفاد ۾ ناهي، اسان اڃا تائين پراميد آهيون ته اهي ڳالهين مثبت نتيجي تائين پهچندا . ذريعن موجب افغانستان پاران آمريڪا کي به ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي، سندن چوڻ موجب پاڪستان ضمانت ڏئي ته سندن سرزمين مان آمريڪا يا ڪو ٻيو ملڪ افغانستان تي حملي لاءِ پاڪستان جي سرزمين استعمال نه ڪندو.