عرفان بلوچ جو موت: 2 اهلڪار جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ايس آءِ يو اهلڪارن جي حراست دوران نوجوان محمد عرفان جي موت واري ڪيس ۾ ٻن پوليس اهلڪارن کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، جڊيشل  مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ اي ايس آئي عابد شاهه ۽ ڪانسٽيبل آصف علي کي پيش ڪيو ويو، جتي عدالت ٻنهي جو هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي حڪم ڏنو ته ٻنهي کي اڄ ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، پوليس موجب ٻنهي اهلڪارن نوجوان محمد عرفان کي گرفتار ڪري مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان جو موت واقع ٿيو، واقعي کان پوءِ پوليس اهلڪارن سندس خلاف ئي ڪيس داخل ڪيو، جڏهن ته ڪيس ۾ ملوث چار ٻيا پوليس اهلڪار ،  اي ايس آئي سرفراز ۽ ڪانسٽيبل وقار، همایون ۽ فياض ــ واقع کان پوءِ مفرور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.