فيلڊ مارشل عاصم منير جي اردن جي بادشاهه سان ملاقات

عمان (م ڊ) اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله دوم پاڪستان سان ٻه طرفو دفاعي سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اردن جو سرڪاري دورو ڪيو، جتي هن بادشاهه شاهه عبدالله دوم سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ولي عهد شهزادو حسين بن عبدالله به موجود هو، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل معاملن، دفاع ۽ سيڪيورٽي شعبي ۾ سهڪار جي واڌ ۽ علائقائي حالتن تي ڳالهيون ڪيون ويون،آرمي چيف پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ هٿياربند فوجن جي طرفان شاهه عبدالله لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اردن سان ڀائيچاري وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، شاهه عبدالله دوم پاڪستان آرمي جي پيشاورانه صلاحيتن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي دفاعي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، فيلڊ مارشل عاصم منير جي ملاقات اردني فوج جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ميجر جنرل يوسف احمد الحنيني سان به ٿي، جتي کيس جنرل هيڊڪوارٽر عمان پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.