طاقت جي زور تي غزا ۾ امن لاءِ ڪو به ملڪ شامل نه ٿيندو: شاهه عبدالله

عمان (م ڊ)اردن جي بادشاهه شاهه  عبدالله  ثاني چيو آهي ته جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز ڪيل نئين جنگبندي ۽ امن منصوبي تحت غزا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ته “ڪوبه ملڪ اهڙي مشن ۾ حصو وٺڻ نه چاهيندو، هن هڪ سوال ۾ چيو ته هي فورس آخر غزا ۾ ڇا ڪندي؟”هن وضاحت ڪئي ته جيڪڏهن هن فورس جو ڪم صرف امن قائم رکڻ ۽ مقامي پوليس جي مدد ڪرڻ (پيس ڪيپنگ) تائين محدود آهي، ته اهو قابلِ قبول آهي، پر جيڪڏهن ان کي طاقت جي زور تي امن ڪرائڻو پوندو، ته ڪو به ملڪ ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيندو۔بي بي سي پينوراما سان ڳالهائيندي بادشاهه چيو ته اردن ۽ مصر فلسطيني سيڪيورٽي فورسز کي تربيت ڏيڻ لاءِ تيار آهن، هن  واضح ڪيو ته هو اردني فوج کي غزا نه موڪليندو

  1. ناظم آباد ۾ اسڪول وين کي باهه، ڊرائيور سوڌو 6 ٻارڙا سڙي زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ناظم آباد ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جتي اسڪول وين ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، نتيجي ۾ وين ڊرائيور ۽ 6 ٻارڙا سڙي زخمي ٿي پيا، جڏهن⁠ ته علاقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻارن کي باهه ۾ سڙيل وين مان ڪڍي ورتو، ايمرجنسي ذريعن موجب واقعو ناظم آباد نمبر 3 ۾ قباء مسجد ڀرسان پيش آيو، جتي اسڪول وين ۾ باهه لڳڻ سبب ٻه ڀاءُ ڀيڻ ۽ ٻيا ٻارڙا زخمي ٿيا، وين ڊرائيور ۽ هڪ پاڙيءَ واري جا هٿ به سڙي پيا، 4 ٻارڙن کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن موجب 9 ورهين جي نياڻي ايشال مزمل جو علاج برنس وارڊ ۾ جاري آهي، جڏهن⁠ته ٻين ٽن ٻارن کي طبي امداد بعد ڊسچارج ڪيو ويو، اکين ڏٺي شاهد فيصل ٻڌايو ته اٺ وڳي وين ۾ ٻار سوار ٿي رهيا هئا ته اوچتو باهه لڳي وئي، ڊرائيور کي به ٻاهر نڪرڻ جو موقعو نه مليو ۽ سندس  چيلهه سڙي پئي، چوڪيدار ۽ ٻين ماڻهن پهچي ماڻهن کي وين مان ڪڍي ورتو نه ته وڏو سانحو پيش اچي ها.

  1. ڪي پي جي وڏي وزير سان ڪور ڪمانڊر پشاورجي ملاقات

 پشاور(م ڊ) پشاور جي ڪور ڪمانڊر، ليفٽيننٽ جنرل عمر احمد بخاري ، وزيراعليٰ سُهيل آفريدِي سان ون آن ون ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ امن و امان جي صورتحال تي تفصيل سان ڳالهايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ صوبائي امن و امان جي مجموعي صورتحال تي بحث ڪيو ويو ۽ صوبي ۾ دهشت گردي جي مقابلي لاءِ ضروري قدمن تي ڳالهايو ويو. ملاقات دوران قبائلي علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي پڻ ڳالهايو ويو. ذريعن مطابق وزيراعليٰ جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي ۽ دهشت گردي کي چٿڻ لاءِ گڏجي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ لازمي آهي. ذريعن مطابق، ملاقات جي ٻئي ڏينهن وزيراعليٰ آفريدِي، ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس پڻ طلب ڪيو.

  1. اورنگي ٽائون ۾ ڦر ڪوشش دوران رينٽ اي ڪار مالڪ قتل

ڪراچي (رپورٽر) اورنگي ٽائون ۾ ڦر جي مزاحمت دوران زخمي ٿيل رينٽ-اي-ڪار جو مالڪ علاج دوران فوت ٿي ويو، پاڪستان بازار ٿاڻي جي حد ۾ بنگله بازار واري علائقي ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، فائرنگ ۾ 50 ورهين جو محمد عالمگير ولد محمد اسلام سخت زخمي ٿيو، جيڪو جناح اسپتال ۾ علاج دوران دم ڏنو، پوليس موجب، عالمگير اورنگي ٽائون جو رهواسي ۽ رينٽ-اي-ڪار جو ڪاروبار ڪندو هو، واقعي واري رات هو پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هو ته مسلح ڏوهاري اندر گهڙي آيا، ڏوهارين پهريان آفيس ۾ موجود ٻن ماڻهن کي ڦر جو نشانو بڻايو، پوءِ عالمگير ڏانهن وڌيا، عالمگير مزاحمت ڪئي ته ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ دوران عالمگير کي پيٽ ۾ گڙدي واري حصي ۾ گولي لڳي، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو، هُن اسپتال ۾ دم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.