ڪراچي(پ ر ) تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان سنڌ طرفان 14 نومبر تي حيدرآباد ۾ جلسه عام ڪرڻ جو اعلان، اهو فيصلو ڪراچي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ تحريڪِ تحفظِ آئينِ پاڪستان، صوبي سنڌ جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو۔اجلاس ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ، اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير، پاڪستان تحريڪِ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، مجلسِ وحدت المسلمين جي مولانا صادق جعفري، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سرباز عبدالرب دراني، جي يو آءِ (شيراني) جي حافظ حماد مدني ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي۔اجلاس جي پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ملڪ هن وقت سياسي بحران ۽ بدانتظامي جي گهيري ۾ آهي، آئين تي عمل نٿو ٿئي، ظلم، لاقانونيت ۽ بدانتظامي ذريعي حڪمراني ڪئي پئي وڃي ۽ اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.