استنبول (م ڊ) پاڪستان ڳالهين جي ٻئي دور ۾ افغان سرزمين تان دهشتگردي جي خاتمي جو جامع پلان افغانستان جي حوالي ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۽ طالبان حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور استنبول ۾ مڪمل ٿيو. ترڪي جي ميزباني ۾ ڳالهيون ٿيون جيڪي 9ڪلاڪ جاري رهيون. ذريعن موجب، پاڪستان جو 7 رڪني وفد شريڪ ٿيو، پاڪستان افغانستان مان دهشتگردي ۽ تربيتي ڪيمپ جي خاتمي واري مطالبي تي قائم رهيو. ڳالهين دوران پاڪستان جامع مسودو تجويز پيش ڪيو. طالبان عملدار پاڪستاني تجويز تي غور جاري رکندا. ڳالهين دوران پاڪستان خارجي فتني ۽بين دهشتگرد تنظيمن جي حوالي سان واضح ۽ کرو موقف پيش ڪيو. ڳالهين جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڪيورٽي،سرحدي سهڪار ۽ خطي ۾ امن لاءِ حڪمت عملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي،سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان واضح ڪيو آهي ته افغان طالبان پاران دهشت گردن جي سرپرستي منظور ناهي،دهشت گردي جي خاتمي لاءِ ٺوس ۽ يقيني قدم کڻڻا پوندا،سيڪيورٽي ذريعن موجب ان جي ابتڙ افغان طالبان جا دليل غيرمنطقي ۽ زميني حقيقتن جي ابتڙ آهن،نظر اچي رهيو آهي ته افغان طالبان ”ڪنهن ٻئي“ جي ايجنڊا تي آهن،اها ايجنڊا پاڪستان،افغانستان ۽ خطي جي استحڪام جي مفاد ۾ ناهي،ڳالهين ۾ اڳڀرائي افغان وفد جي رويي تي منحصر اهي، سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان جا مطالبا مڪمل واضح،ثبوتن تي مشتمل ۽ مسئلي جو حقيقي حل آهن،افغان طالبان جي هٺ ڌرمي ۽ عدم تعاون ٻين ڌرين تي واضح ٿي وئي،پاڪستان جو دهشت گردي جي مرڪزي مطالبن تي ڪو به سمجهوتو ممڪن ناهي،ترڪيه ڪوشش ڪري رهيو آهي ته افغان وفد زميني حقيقتن ۽ شاهدين کي سمجهي،ڪوشش جاري آهي ته طالبان وفد سنجيدگي سان سهڪار ڪري جيئن ڳالهيون نتيجاخيز ثابت ٿين.