وزيراعظم جي نوازشريف سان ملاقات، معاشي صورتحال تي غور

اسلام آباد ( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جاتي امرا ۾ صدر(ن) ليگ نوازشريف سان اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به موجود هئا، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن پارٽي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. انهي موقعي تي نوازشريف ڳالهيون ڪندي چيو ته ملڪي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ترقي  طرف وڌي رهيو آهي. نوازشريف شهباز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي اڻٿڪ محنت جي دنيا تعريف ڪري رهي آهي.  وقت گذرڻ سان پاڪستان ترقي طرف وڌي رهيو آهي.  هن چيو ته ملڪي معيشت کي اسان کي وڌ کان وڌ مضبوط ڪرڻو آهي، وقت گذرڻ سان پاڪستان ترقي طرف وڌي رهيو آهي. انهي موقعي تي نواز شريف مريم نواز جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته مريم نواز پنجاب ۾ امن امان جي حوالي سان بهترين قدم کڻي رهي آهي، انهي جي قيادت ۾ پنجاب ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.