ڊي جي آءِ ايس پي آر منهنجي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي، وزيرن الزام هنيا:سهيل آفريدي

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر پشاور ۾ اچي پريس ڪانفرنس ڪئي،  وفاقي وزيرن ڪڌا ۽ بي بنياد الزام لڳايا. ڪرڪ ريلي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ جي باني منهنجو نالو ورتو ته ڪجهه ماڻهن مون تي اعتراض ڪيو، اڳ ۾ اسان کي هن هائوس جو حصو نه بڻجڻ ڏنو ويو. هن چيو ته اڳ ۾ ڀٽو ۽ شريف جهڙا لفظ استعمال ڪندڙ رڳو هائوس ۾ ايندا هئا، مون تي الزام لڳايا ويا. سهيل آفريدي چيو ته منهنجي خلاف غلط لهجو استعمال ڪيو ويو، انتهائي بدتميزي ڪئي وئي، ڊي جي آءِ ايس پي آر پشاور ۾ اچي پريس ڪانفرنس ڪئي، وفاقي وزيرن گندا ۽ بي بنياد الزام لڳايا، مون انهن جي الزامن جو جواب مهذب انداز ۾ ڏنو. وڏي وزير چيو ته گهرو کاتي هڪ خط لکيو ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي ملاقات لاءِ چيو، وزيراعظم کي باني سان ملاقات لاءِ چيو، پر هن چيو ته هو پڇي ٻڌائيندو، پوءِ مون وزيراعظم کي ملاقات لاءِ چيو ته باني کان پڇي ٻڌائيندس، اهي مون کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، منهنجا اعصاب مضبوط آهن.  سهيل آفريدي چيو ته اسان بهادر آهيون، اسان ڪنهن کان نه ٿا ڊڄون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.