اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي عدالتي نظام جي بهتري لاءِ سڀني ججز ۽ عدالتي ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، چيف جسٽس چيو آهي ته عدليه ۾ ٿيندڙ سڌارا اداراتي سهڪار جو نتيجو ۽ هڪ نئين دور جي شروعات آهن، هن سپريم ڪورٽ،هاءِ ڪورٽن ۽ ضلعي عدليه جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي،پڌرائي موجب سال 2025ع دوران 22 هزار 848 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته 27 هزار 228 ڪيسن جا فيصلا ڪيا ويا۔ ان سان گڏ مجموعي طور تي زيرِ التواءُ ڪيسن جو انگ 60 هزار 410 مان گهٽجي 55 هزار 951 تائين پهچي ويو۔سپريم ڪورٽ طرفان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته سزاءِ موت، عمر قيد، خانداني، ٽيڪس ۽ سروس جهڙن اهم ڪيسن کي ترجيح ڏني وئي، جڏهن ته عدالتي ڪارڪردگي جي نگراني لاءِ جوڊيشل ڊيش بورڊ جو آغاز ڪيو ويو۔چيف جسٽس چيو ته عدالتي نظام جي جديديت، ڪارڪردگي ۽ شفافيت لاءِ هي قدم پاڪستان جي عدليه لاءِ تاريخي سنگ ميل ثابت ٿيندو۔