اسلام آباد (بيورو/م ڊ) پنجاب ۾ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2025 تحت مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ طئي ڪيو ته پراڻين تڪبندين ۽ شيڊول بابت نوٽيفڪيشن واپس ورتا ويندا. پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نئين ايڪٽ تحت حدبندين جا ضابطا چار هفتن اندر مڪمل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ معاملو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو. ٻئي پاسي اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان فيصلو ڪيو آهي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي مختلف تڪن ۾ 23 نومبر تي ٿيندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون ضمني چونڊون فوج، رينجرز ۽ ايف سي جي سڪيورٽي ۾ ڪرايون وينديون. ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن وفاقي حڪومت کي خط لکي فوج ۽ نيم فوجي ادارن جي مقرري جي درخواست ڪئي آهي ته جيئن پولنگ دوران ۽ بعد ۾ امن امان برقرار رهي. سيڪيورٽي اهلڪار 22 کان 24 نومبر تائين پولنگ اسٽيشنن جي ٻاهران، سامان جي ترسيل ۽ نتيجن جي تياري دوران به مقرر رهندا. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن گلگت بلتستان جي چونڊن کان اڳ سياسي جوڙ ٽوڙ کي روڪڻ ۽ وڌندڙ عوامي خدشن کي نظر ۾ رکندي حڪومت جا مالي ۽ انتظامي اختيار منجمد ڪري ڇڏيا آهن.