دوحا جنگ بندي معاهدي ۾ اصل ڌر سان امن طئي ئي ناهي ٿيو؟

اسلام آباد (نصرت جاويد) دوحا ۾ ٿيل پاڪ-افغان ڳالهين بعد سامهون آيل جنگ بندي معاهدو ناڪام، مبهم ۽ خطرناڪ قرار ڏنو پيو وڃي. معاهدي تي سڀ کان وڏو اعتراض شفافيت جي کوٽ ۽ گڏيل پڌرائي جي اڻهوند آهي. قطر جي پرزينٽيشن بعد ٻه مختلف بيان جاري ٿيا، پهرئين ۾ فوري جنگ بندي ۽ پائيدار امن جو ذڪر هو، جڏهن ته طالبان ڌر طرفان بيان مان اهي جملا گم هئا. معاهدي کان ڪجهه ڪلاڪن پوءِ خيبرپختونخوا ۾ 19 آڪٽوبر تي 14 دهشتگرد حملا ٿي ويا، جن ۾ پنج فوجي جوان شهيد ٿيا. اهو ڏيکاري ٿو ته حقيقي خطرو، يعني ٽي ٽي پي ۽ غير رياستي دهشتگرد تنظيمون، ان معاهدي مان مڪمل طور خارج ڪيون ويون آهن. افغان طالبان پڻ سرحدي حقيقت قبولڻ ۽ ٽي ٽي پي سان لاڳاپا ختم ڪرڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن، ڇو ته ملا يعقوب ۽ مفتي نور ولي محسود جا لاڳاپا رهيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي جنگ بندي رياستي فوجن جي وچ ۾ عارضي خاموشي هوندي، پر حقيقت ۾ اهو ايندڙ ڌماڪن کان اڳ جي خاموشي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته جنهن ڌر سان اصل جنگ آهي، ان سان امن طئي ئي نه ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.