جيڪو به هٿيار کڻندو ۽ چندو وٺندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي:محسن نقوي

ڪراچي(رپورٽر) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪنهن هڪ خاص تنظيم جي خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري، پر جيڪي هٿياربند آھن، انهن جي خلاف ڪارروائيون جاري آهن. ڪراچي ۾ گورنر هائوس ۾ گورنر سنڌ ڪمراڻ ٽيسوري ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران گهرو وزير محسن نقوي چيو ته، "گورنر صاحب وڏي محبت سان سڏي ٿو، ۽ هتي جو حليم ڏاڍو مزيدار ٿيندو آهي، جنهن کي مان ڇڏيندس ئي نه.” هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فِيلڊ مارشل عاصم منير ٻئي وڏي محنت سان ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاميابيون ملي رهيون آهن. هاڻ رڳو اسان سڀني کي گڏيل ٿي رهڻ جي ضرورت آهي. محسن نقوي چيو ته اسان سڀني جو مشن آهي ته ملڪ کي اڳتي وٺي وڃجي. سوشل ميڊيا تي ڳالهه هلي رهي هئي ته حڪومت ڪنهن هڪ تنظيم خلاف ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته حقيقت ۾ جيڪو هٿيار کڻي ايندو، ان سان حڪومت سختيءَ سان پيش ايندي. هن چيو ته  اسان سڀني عالمن جو احترام ڪريون ٿا، پر جيڪي هٿيارن سان اچن ٿا، انهن کي منهن ڏنو ويندو ۽ جيڪي چندا گڏ ڪندا هئا، انهن بابت به اوهان کي جلد خبر پوندي ته انهن خلاف به ڪارروائيون ٿي رهيون آهن. گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو ته جڏهن ٽي وي کولجي ٿو ته سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته ڪهڙي شهر ۾ آهيون، ۽ اوهان جو نالو محسن آهي، انڪري اوهان سڀني جا محسن به آهيو. جڏهن به ڪنهن وچ ۾ مسئلا ٿين ٿا ته دعوت ڏني وڃي ٿي ته اچو، مسئلو حل ڪريو. هن چيو ته، "وفاقي گهرو وزير ڪراچي ۾ مفتي منيب الرحمان سان ملاقات ڪئي، ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. محسن نقوي امن قائم ڪرڻ ۽ فتنہ الخوارج آپريشن جي حوالي سان به سرگرم آهن. گورنر وڌيڪ چيو ته، "محسن نقوي رڳو گهرو وزير نه، پر پي سي بي جو چيئرمين ۽ ايشيائي ڪرڪيٽ ڪائونسل جو صدر به آهي. گورنر سنڌ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي رفتار تمام تيز هئي، پر هاڻ هو چون ٿا ته محسن نقوي جي رفتار وڌيڪ آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جا مسئلا آهن، جن بابت اسان انهن سان ڳالهايون ٿا، ۽ وفاقي گهرو وزير جو تعاون مثالي آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ۽ وفاقي تعليم واري وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته، "ايم ڪيو ايم پاڪستان کي اهميت ڏيڻ خوش آئند آهي، ۽ اسان پاڪستاني فوجن جو ساٿ ڏيندا رهياسين. هن چيو ته گورنر سنڌ، ايم ڪيو ايم پاران نامزد ڪيل آهي ۽ وفاق جو نمائندو به آهي. اسان ڏسون ٿا ته اوهان اسان جون ڳالهيون ٻڌو ٿا ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيو. گورنر سنڌ چيو ته، "وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صرف اسان جا مسئلا نٿا ٻڌن، پر انهن جو حل به ڪرائين ٿا. اميد آهي ته وفاقي وزير ڪراچي ۾ امن و امان جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا. گهرو وزير محسن نقوي** خاطري ڪرائي ته، "ڪراچي جي ترقياتي منصوبن ۾ جيڪا به رنڊڪ آهي، ان کي جلد ختم ڪيو ويندو، ۽ شهر ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو ويندو. ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪراچي ۾ ممتاز عالم دين مفتي منيب الرحمان جي رهائشگاهه تي پهتا، جتي هنن مفتي منيب الرحمان جي سربراهيءَ ۾ اهلسنت جي ممتاز علمن سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران ويجهي ماضيءَ ۾ پيش آيل واقعن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته علمن مختلف مسئلن تي پنهنجو موقف گهرو وزير آڏو پيش ڪيو.ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته حڪومت مسجدن ۽ مدرسن جي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪندي، ۽ ٻنهي ڌرين جي رابطي لاءِ فوڪل پرسن هر وقت موجود هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.