حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ پوليس پاران ٽئين ڏينهن به غير قانوني ترسيل افغان پناهگيرن خلاف آپريشن وڌيڪ 3 ڄڻا گرفتار، گذريل ھفتي گرفتار ڪيل چئن افغانين کي واپس ڏيهه موڪليو ويو. حيدرآباد جي مڪي شاهه پوليس غير قانوني ترسيل افغان پناهگيرن خلاف آپريشن ڪيو، آپريشن دوران 116 ماڻهن جي تلاشي ورتي وئي، جنھن ۾ 3 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ ٿاڻي تي منتقل ڪيو. ٻئي طرف حيدرآباد پوليس پاران گذريل هفتي گرفتار چئن افغان شهرين کي افغانستان موڪلي ڇڏيو، پوليس گذريل ھفتي ايئرپورٽ، مارڪيٽ ۽ فورٽ ٿاڻن جي حدن ۾ ڪارروائي ڪري 7 ڄڻن کي افغان شهري هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو هو، ٽن ڄڻن کي جاچ پڙتال کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته چئن افغان شهرين کي ملڪ نيڪالي ڏيئي کين پنهنجي وطن روانو ڪيو ويو.