غزا (م ڊ) اسرائيل فوج هڪ ڀيرو ٻيهر غزا تي حملو ڪري ڏنو، جنهن سان خطي ۾ امن لاءِ ڪيل ڪوششون خطري ۾ پئجي ويون، اسرائيلي ميڊيا موجب ڪالهه به اسرائيلي فوج طرفان غزا تي حملو ڪيو ويو، جڏهن ته غزا جي سرڪاري ميڊيا موجب اسرائيل جنگ بندي جي معاهدي جون 47 ڀڃڪڙيون ڪري چڪو، جن ۾ 38 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ 143 زخمي ٿي چڪا، رائٽرز موجب هي نئون حملو آمريڪا جي ٽياڪڙي سان ٿيل هفتو اڳ ٿيل جنگ بندي کي مستقل امن ۾ تبديل ڪرڻ واري اميدن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو، اسرائيل ۽ حماس ٻنهي هڪ ٻئي تي معاهدي جي ڀڃڪڙي جا الزام هڻي رهيا آهن، اسرائيلي فوجي اهلڪار جو چوڻ آهي ته حماس طرفان راڪيٽ ۽ اسنائپر حملا ڪيا ويا، حماس اڳواڻ عزت الرشق چيو ته اسان جي تنظيم معاهدي تي قائم آهي، ڀڃڪڙيون ته اسرائيل پاڻ ڪري رهيو آهي.