نيها مبين جو موت غير طبي قرار، قتل جو شڪ، رپورٽ ايس ايس پي حوالي

ميرپورخاص/ ڪراچي (بيورو/ عوامي آواز نيوز) نيهامبين جي مبينا قتل جي حوالي سان ايس ايس پي ميرپورخاص پاران ڊي ايس پي غبدالغفور خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم پنهنجي رپورٽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي پيش ڪري ڇڏي آهي پيش ڪيل رپورٽ ۾ نيها مبين جي موت کي غير طبي موت قرار ڏيندي نيهامبين کي قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته حتمي رائي لاء نيهامبين جي لاش جو پوسٽ مارٽم، ايڪسري ۽ ٻيا ٽيسٽ ڪرڻ بعد طئه ڪرڻ جو ٻڌايو ويو آهي ايس ايس پي ميرپورخاص ڊاڪٽر سمير نور چنا پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نيهامبين جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آڊيو ۾ والد پاران تشدد ڪرڻ ۽ جان سان مارڻ جي خطري جو خدشا ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ نيها جي ساهيڙي جي  تعويل ۾ ورتل موبائيل فون مان ڳاٽس ايپ ميسيج موجود آهن جاچ ڪاميٽي جي شروعاتي جاچ جي بنياد تي نيهامبين جي امڙ عاشي مبين، صائمه مغل، فرمان مغل، صابر مهر ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري نيهامبين جي امڙ عاشي سميت 04 جوابدارن گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي جي يقيني طور شفاف جاڇ ڪرائي ملوث جوابدارن کي قانون موجب سخت سزا ڏياري ويندي،  ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن ۽ وڊيوز ۾ ٻڌايو ويو ته ميرپورخاص جي علائقي ريلوي ڪالوني ۾ مبينا طور قتل ٿيل نوجوان ناري نيها جي ڪيس ۾ پوليس اڳڀرائي ڪندي نيها جي ساهيڙي مهڪ جنهن سان ناري جي ڪيل آڊيو ۽ ٽيڪسٽ ميسيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي ان موبائل فون کي هٿ ڪري موبائيل فون ذريعي اهم شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، ذريعن موجب پوليس نيها مبين جي ساهيڙي مهڪ جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس موبائيل فون تحويل ۾ وٺڻ سان گڏ سندس بيان پڻ رڪارڊ ڪيو ۽ موبائيل فون ۾ نيھا سان ڪيل آڊيو ويڊيو ۽ ٽيڪسٽ ميسيج جو رڪارڊ  سميت ٻيو مواد حاصل ڪيو ويو، جڏھن ته پوليس هن وقت تائين مبينا طور قتل ٿي ويل نيها جو موبائيل فون هٿ نه اچي سگهيو آهي، پوليس ڪيس ۾ نامزد ڪيل نيها جي امڙ عاشي، صائما مغل، فرمان مغل ۽ صابر مهر کي گرفتار ڪرڻ بعد جوابدارن کان جاچ شروع ڪري ڏني آهي، ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي هلندڙ پوليس عملدار جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيها جو ڀاءُ ڪليئر چوي ٿو ته منهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو آهي، مون کي قاتل گهرجي، ڀلي امڙ ملوث هجي ان کي سزا ڏني وڃي، ايف آءِ آر داخل ڪيون پيا، وارثن جي مرضي موجب ايف آءِ آر آهي، معاملي جي پوري طرح سان جاچ ڪيون پيا، عملدارن موجب هي ڪيس في الحال بلائينڊ ڪيس آهي، ڇوڪري جي امڙ به چئي چڪي آهي ته منهنجي ڌيءَ کي قتل ڪيو ويو آهي، عملدار موجب هڪ صائمه آهي جيڪا اسپتال آئي هئي، جنهن سوشل ميڊيا تي بيان به ڏنا آهن ته آئون پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نٿي چاهيان، جيئن ته ان جو هن خاندان سان واسطو ناهي، هن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ نه ڏنو، نيها جي والده عاشي چيو ته منهنجي ڌيءَ کي ڦاهو لڳل ڏٺو، جڏهن ته ٻيون عورتون چون ٿيون ته نيها ڦٽي تي پيل هئي،  ڇوڪري جي والده ۽ پاڙيسرين جي بيانن ۾ فرق آهي، جتي تضاد وارا بيان اچن ته اُتي نظر اچي ٿو ته ڪا نه ڪا شئي آهي، جنهن کي لڪايو پيو وڃي، شڪ کي ختم ڪرڻو آهي، 302 جي ايف آءِ آر آهي، 302 جي ايف آءِِ آر ٿئي پئي، صائمه نيها جي والده کي چيو آهي ته پئسا ڏئي نه ته ايف آءِ آر 302 جي اوهان تي ٿيندي، پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ نيها جي والده هڪ لک رپيا گل کي ڏنو آهي، ڪوثر کي به پئسا ڏنا ويا، اهي شاهد آهن هنن اهي پئسا صائمه کي ڏنا آهن اهو به بيان آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي نيها جي امڙ جو بيان هلي رهيو آهي ته پاڙي وارا چون پيا ته نيها کي اسان قتل ڪيو آهي، ڇا والدين ڌيءَ کي قتل ڪندا، منهنجو ته ذهن چوي ٿو ته سلمان قتل ڪيو آهي ڌيءَ کي، مون مٿان ڪوڙا الزام هڻي ڦاسايو پيو وڃي، مان قلمو پڙهي ٻڌايان ٿي، قرآن پاڪ کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.هڪ لک رپيو مون کان ورتو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.