پنجاب حڪومت پاران ايڇ آر سي پي جي دعويٰ رد

لاهور(بيورو)صوبائي وزيرِ اطلاعات پنجاب عظميٰ بخاري مريدڪي آپريشن بابت معلومات لڪائڻ واري انساني حقن ڪميشن پاڪستان (HRCP) جي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو،ايڇ آر سي پي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته آپريشن دوران تشدد ۽ بيگناهن جي گرفتاري بابت ڳڻتي وڌي آهي، جڏهن ته حڪومت پاران آپريشن جي تفصيل لڪائڻ سان شفافيت تي سوال اٿيا آهن۔ان جي جواب ۾، عظميٰ بخاري ڊان نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ٽي ايل پي کي اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني ڏانهن مارچ ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪيون، پر تنظيم تعاون ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ٽي ايل پي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پنهنجن تقريرن ۾ "سنگين نتيجن” جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن تي فائرنگ به ڪئي، جنهن سبب ڪجهه پوليس اهلڪار شهيد ٿيا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.