پنجاب ۾ مذهبي جماعت خلاف ڪريڪ ڊائون، 2500 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار

لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ مذهبي جماعت خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ 2500 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، لاهور سميت سڄي پنجاب ۾ پوليس پاران هڪ مذهبي جماعت خلاف وڏوڪريڪ ڊائون جاري آهي. ان آپريشن دوران پوليس موجب2500 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس  رپورٽ موجب لاهورمان 251 ماڻهو، گوجرانوالا مان 135، شيخوپورا مان 178، سيالڪوٽ مان 128، گجرات مان 80 ، راولپنڊي مان 196، منڊي بهاوالدين مان 210 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن.ان کان سواِءِ اٽڪ ۽ صادق آباد مان به مذهبي جماعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته، ان واقعي بابت پنجاب جي مختلف ٿاڻن ۾ 76 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.