مخصوص سياسي سرپرستي ۾ دهشت گردي ۽ ڏوهن جي ڳٺ جوڙ جو خاتمو آڻينداسين\ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ڀارتي قيادت جي چڙ ڏياريندڙ بيانن جي ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته پاڪ فوج هر خطري جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڀارت جي ڪنهن به جارحيت جو تڪڙو ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس هندستاني قيادت جي اشتعال انگيز بيانن تي شديد پريشاني جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان فوج هر خطري جو منہن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ هندستاني جارحيت جو فيصلو ڪن ۽ فوري جواب ڏنو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جو 272 هوم اجلاس جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ منعقد ٿيو. آءِ ايس پي آر موجب اجلاس جي شروعات تازن هندستاني سرپرستي وارن دهشتگرد حملن جي شھيدن لاءِ فاتحا خواني سان ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير غير ملڪي امداد يافته دهشتگرد نيٽ ورڪن خلاف جنگ ۾ پاڪستاني فوجن جي جذبيِ ۽ حوصلي کي ساراهيو، ۽ هنن ٻوڏ کانپوءِ سول انتظاميا ۽ ٻين ادارن سان گڏ ڪيل امدادي ۽ بحالتي ڪوششن دوران فوج جي ڪردار جي تعريف به ڪئي. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خلاف جاري ڪاررواين، اڀرندڙ خطرن ۽ آپريشنل تياري جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. فورم هڪ ڀيرو ٻيهر عزم ظاهر ڪيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون ملڪ جي دشمنن جي سمورن عزمن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر لحاظ کان تيار آهن. شرڪت ڪندڙن چيو ته دهشتگردي، ڏوهن ۽ سياسي سرپرستي جي باهمي گٺ جوڙ کي ڪنهن به حالتن ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. فورم هندستاني سياسي ۽ فوجي قيادت جي تازن اشتعال انگيز ۽ غيرذميوار بيانن تي گہري پريشاني جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته اھڙو اشتعال انگيز رويو هندستان جي سياسي مفادن لاءِ جنگي جنون کي هٿي ڏيڻ جي پراڻي رويي جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪا علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي. فورم هڪ ڀيرو ٻيهر عزم ظاهر ڪيو ته هندستاني حمايت يافته دهشتگرد تنظيمن جهڙوڪ "فتنۃ الخوارج” ۽ "فتنۃ الہندستان” جا نيٽ ورڪ هر سطح تي ختم ڪرڻ لاءِ جامع  ڪارروايون جاري رکيون وينديون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي تازن اعليٰ سطح سفارتي سرگرمين کي اهم قرار ڏنو ۽ عالمي ۽ علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي عزم جي تصديق ڪئي. فورم پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل تاريخي "اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي” استقبال ڪيو، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل دفاعي صلاحيتن کي وڌائڻ آهي.اجلاس ڪشميري عوام جي حق خوداراديت لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ گڏوگڏ اقوامِ متحده جي قراردادن مطابق جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب فورم فلسطين جي عوام سان مڪمل ايڪتا جو اظهار ڪندي فوري جنگبندي ۽ انسان دوست امداد جي فراهمي تي زور ڏنو. اجلاس فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف کي ورجايو ۽ 1967 کان اڳ وارن سرحدن مطابق القدس الشريف کي دارالحڪومت بڻائي آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪئي.فيلڊ مارشل عاصم منير پڄاڻيءَ ۾ سڀني ڪمانڊرن کي اعلى آپريشنل تياري، نظم و ضبط، جسماني فٽنيس، جدت ۽ وقت سر ردعمل کي يقيني بنائڻ جون هدايتون ڏنيون.هن وڌيڪ اظھار ڪيو ته پاڪستان فوج روايتي، غير روايتي، هائبرڊ ۽ غير متناسب سمورن خطرن سان نمٽڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.