اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا تصديق ڪئي آهي ته خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊا پور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ۽ انهن جي جاءِ تي سهيل آفريدي کي نئون وزيراعليٰ نامزد ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجه چيو ته علي امين گنڊاپور عليما خان تي سنگين الزام لڳايا هئا، جن ۾ پارٽي اندر ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جو الزام به شامل آهي. سلمان راجا واضح ڪيو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جي هدايت تي علي امين کي هٽايو ويو، ۽ سهيل آفريدي کي وزيراعليٰ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي بدترين صورتحال آهي، ۽ عمران خان ان تي سخت مايوس آهي، خاص طور تي ضلعي اورڪزئي ۾ ٿيندڙ واقعي ۾ جوانن جي شهادت تي. سلمان اڪرم راجا مطابق، عمران خان بار بار اهو چيو آهي ته موجوده وفاقي حڪومت جي پاليسين سان اختلاف آهي ۽ خيبرپختونخوا حڪومت کي انهن پاليسين کان الڳ هئڻ گهرجي.عمران خان جو چوڻ آهي ته جيسين اسٽيڪ هولڊرن، عوام کي عمل ۾ شامل نه ڪيو ويندو، تيسين نه خيبرپختونخوا ۽ نه پاڪستان ۾ امن قائم ٿي سگهندو. پي ٽي آءِ باني افغان پناهگيرن جي ملڪ بدر ٿيڻ تي به افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هن بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد ڪندي چيو ته هو پرڏيهي وزير جي حيثيت سان ڪڏهن به ڪابل نه ويو، جڏهن ته عمران خان جي حڪومت ۾ دهشتگردي گهٽ ۾ گهٽ سطح تي هئي. سلمان راجا چيو ته عمران خان کي اميد آهي ته سهيل آفريدي جي قيادت ۾ خيبرپختونخوا ۾ نئين سوچ، امن، جرگه سسٽم ۽ پائيدار حل ڏانهن اڳڀرائي ٿيندي. علي امين گنڊاپور پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪندي چيو ته وزيراعليٰ جو عهدو باني پي ٽي آءِ جي امانت هو، ۽ مان اهو عهدو واپس ڪري رهيو آهيان. هن سهيل آفريدي جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي چيو ته اسان سڀ عمران خان جي آزادي ۽ پارٽي پاليسين لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا تصديق ڪئي آهي ته علي امين گنڊاپور کان وڏ وزارت واپس ورتي پئي وڃي.صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته سهيل آفريدي کي نئون وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي.خيبر پختونخواهه جي امڪاني وڏي وزير سهيل آفريدي جو واسطو خيبر ضلعي سان آهي، هو پي ڪي 70 تان پهريون ڀيرو صوبائي اسيمبلي ميمبر بڻيو، سهيل آفريدي گهڻي عرصي تائين انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪي پي جو صدر رهيو.