غزا (م ڊ) فلسطين جي آزادي لاءِ وڙهندڙ مزاحمتي تنظيم حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ اڻ سڌي ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، حماس چيو آهي ته معاهدي تائين پهچڻ لاءِ مثبت رويو اختيار ڪيو ويو آهي ۽ طئي ٿيل فهرستن موجب يرغمالين ۽ قيدين جي لسٽن جي ڏي وٺ مڪمل ٿي چڪي آهي، حماس جي ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهه خليل الحيه چيو ته اسين ڊيل لاءِ تيار آهيون پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسپانسر ملڪن کي اها ضمانت ڏيڻي پوندي ته جنگ هميشه لاءِ ختم ٿيندي، ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته حماس سان لاڳاپي ۾ آهيون ۽ ٽرمپ جي امن ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا، پر غزا کي فلسطين جو حصو ئي رهڻ گهرجي، ڳالهين ۾ قطر جو وزيراعظم ۽ آمريڪي ثالثي پڻ شامل هوندا.