آمريڪا جو پاڪستان کي جديد فضائي ميزائل وڪرو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) عمران خان پنهنجي ئي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي هٽائي سهيل آفريدي کي نئون وڏو وزير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو پارٽي اندر اختلافن جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي. ذريعن موجب، فيصلو اڊيالا جيل ۾ ٿيل ملاقاتن کان پوءِ ڪيو ويو، جنهن سان پارٽي ۾ افراتفري پکڙجي وئي. اهم سبب طور عليما خان ۽ گنڊاپور جي وچ ۾ تڪرار کي به ڏٺو پيو وڃي، جڏهن ته گنڊاپور مبينا طور عمران خان کي ٻڌايو ته عليما خان ايم آءِ سان رابطي ۾ آهي ۽ پارٽي تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان ڳالهه تي عمران خان ناراض ٿي کيس هٽائڻ جو فيصلو ڪيو. هاڻي عمران خان جا پيغام نورين خان ذريعي پهچايا ويندا. يعنيٰ عمران خان گنڊاپور ۽ عليما خان ٻنهي کي سياسي معاملن کان پري رکيو آهي، هي مائنس 2 آهي. عمران خان افغانستان پاليسي کي استعمال ڪندي رياست تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته جيئن پنهنجي آزاديءَ لاءِ سياسي ڪارڊ کي هٿي ڏئي سگهي. عمران خان افغانستان جي طالبان حڪومت سان همدرديون ڏيکاري، آپريشنن جي مخالفت ڪري رياست کي ٽف ٽائم ڏيڻ چاهي ٿو پر ٻئي پاسي فيلڊ مارشل چيو آهي ته مخصوص سياسي سرپستي ۾ دهشتگردي ۽ ڏوهن جو ڳٺ جوڙ هاڻي وڌيڪ برداشت ناهي. ان کي سياسي حلقن ۾ سڌي تحريڪ انصاف ڏانهن اشارو سمجهيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.