ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿرڪول بلاڪ ون تي 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي آهي، جتان فيز ٿري ۾ وڌيڪ 660 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي. توانائي کاتي جي اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته ٿرڪول اينڊ انرجی بورڊ 2008 ۾ قائم ٿيو، بلاڪ ون مان 15.97 ملين ٽن ڪوئلو ڪڍيو ويو ۽ 21500 گيگا واٽ آور بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي، جنهن سان 40 لک گهرن کي بجلي ملي ۽ 681 ملين ڊالر ناڻو بچيو. مراد علي شاهه موجب ٿرڪول مان بجلي جي قيمت في يونٽ 4.8 رپيا آهي، جڏهن ته درآمدي ڪوئلي جي 15 رپيا پوي ٿي. هن ٻڌايو ته 8850 ڳوٺن کي بجلي فراهم ٿي چڪي آهي، وڌيڪ 360 گوٺن ۾ ڪم جاري آهي، جڏهن ته حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي-اليڪٽرڪ به گڏيل طور تي بجلي فراهمي جا مرحلا مڪمل ڪري رهيا آهن.