آءِ ايم ايف سان حڪمراني ۽ ڪرپشن بابت رپورٽ تي اختلاف، ڳالهيون مونجهاري جو شڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي وچ ۾ هلندڙ ڳالهين جي آخري ڏينهن تي ڪرپشن ۽ سٺي حڪمراني بابت رپورٽ تي اختلاف سامهون آيا آهن. ذريعن موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ هن رپورٽ جي ڇپائي ۽ ان جي مواد تي اڃا تائين اتفاق نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ڳالهين جو عمل منجهي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آئي ايم ايف ڪرپشن جي خاتمي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جيڪا سرڪاري آفيسرن جي اثاثن جو جائزو وٺندي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائيندي. ان مقصد لاءِ نوان قاعدا جوڙيا پيا وڃن، ته جيئن آفيسرن جا اثاثا ايف بي آر (FBR) کي فراهم ڪري سگهجن. بريفنگ مطابق، 1973ع واري سول سرونٽس ايڪٽ ۾ ترميم ۽ حڪومتي معاونين جا اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ تبديليءَ تي غور جاري آهي. ان سان گڏ، نيب (NAB) ۽ ايف آءِ اي (FIA) جي اختيارن ۾ هم آهنگي آڻڻ ۽ انهن ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي جاچ جي عمل کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جي تجويزون پڻ غور هيٺ آهن. ذريعن موجب ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ عوامي آگاهي مهم هلائڻ ۽ اينٽي ڪرپشن ادارن کي مني لانڊرنگ ڪيسن جي جاچ جو اختيار ڏيڻ جي سفارش به غور هيٺ آئي آهي. ٻئي پاسي، ڳالهين دوران پاڪستان خاص اقتصادي زونز   ۾ موجود ٽيڪس رعايتون برقرار رکڻ جي زور ڀري درخواست ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان 2035ع تائين رعايتون ختم ڪرڻ واري شرط تي نظرثاني جي اپيل ڪئي آهي. حڪومت جو موقف آهي ته انهن رعايتن جي جلد واپسي سان سيڙپڪاري تي منفي اثر پئجي سگهي ٿو. ذريعن موجب، جيڪڏهن آءِ ايم ايف پاڪستان جي تجويز کي قبول نه ڪيو ته پوءِ سڀ رعايتون ايندڙ 10 سالن جي منصوبي تحت مرحليوار ختم ڪيون وينديون. ان کانسواءِ، ڳالهين دوران پئڪيج ۽ گفٽ اسڪيمون ختم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، جڏهن ته "ٽرانسفر آف ريزيڊنس” اسڪيم کي وڌيڪ سخت بڻائڻ لاءِ 15 آڪٽوبر جي آخري تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، هاڻي صرف هڪ سال استعمال ٿيل گاڏيون هن اسڪيم تحت درآمد ڪري سگهبيون، جڏهن ته پنجن سالن پراڻين گاڏين جي درآمد مخصوص شرطن سان اجازت هوندي. جاپان ۽ برطانيا کان دبئي وسيلي گاڏين جي درآمد جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ به سخت قدم لازمي قرار ڏنا ويا آهن. ڪابينا جي اقتصادي رابطن واري ڪاميٽي (ECC) کان هنن فيصلن جي حتمي منظوري هن مهيني اندر ورتي ويندي، جڏهن ته پاڪستان کي 15 آڪٽوبر تائين آئي ايم ايف کي انهن فيصلن جي تازي  صورتحال فراهم ڪرڻي پوندي.

آءِ ايم ايف شرط ، گريڊ 17 کان مٿي آفيسرن لاءِ اثاثا ظاهر ڪرڻ لازمي

اسلام آباد(ع آ نيوز)حڪومت آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو اهم شرط پورو ڪندي گريڊ 17 کان 22 تائين جي سرڪاري آفيسرن جي اثاثن بابت قاعدن ۾ تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ايف بي آر سول سرونٽس جي اثاثن جي اظهار لاءِ قاعدن ۾ ترميم جو مسودو جاري ڪري ڇڏيو آهي.آءِ ايم ايف جي شرطن جي تحت هاڻ گريڊ 17 کان مٿاهن آفيسرن کي پنهنجا اثاثا ظاهر ڪرڻا پوندا. ايف بي آر موجب، "پبلڪ سرونٽ” جي نئين تعريف گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي آفيسرن تي لاڳو ٿيندي، جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنز جا آفيسر شامل هوندا. ايف بي آر لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کان 7 ڏينهن جي اندر تجويز ڪيل مسودي تي راءِ ۽ تجويزون طلب ڪيون آهن. ايف بي آر جي عملدارن جو چوڻ آهي ته اهي ترميمي قاعدا هاڻ پبلڪ سرونٽن تي لاڳو ٿيندا. انهن جو مقصد شفافيت وڌائڻ ۽ انتظامي وضاحت مهيا ڪرڻ آهي، جڏهن ته اثاثن جي اظهار جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

پاڪستان ۾ ٻوڏ جومعيشت تي ناڪاري اثر،مهانگائي وڌڻ جو خدشو آهي

اسلام آباد(ع آ نيوز)عالمي بئنڪ پاڪستان ۾ تازين ٻوڏ سبب معيشت تي پيل اثر بابت رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ان سان مهانگائي وڌڻ جو خدشو پيدا ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ جي تباهيءَ سان پاڪستان جي معيشت تي سخت منفي اثر پيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي 7.2 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان آهي. عالمي بئنڪ موجب، ٻوڏ کانپوءِ انفرااسٽرڪچر جي تڪڙي بحالي ضروري آهي. برساتن سبب ٿيندڙ نقصان سان عوامي خدمتون متاثر ٿي سگهن ٿيون ۽ ان سان گڏوگڏ بجيٽ تي به وڌيڪ دٻاءُ وڌي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنجاب ۾ زرعي پيداوار ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿيندي. برساتن سبب چانور، ڪمند، ڪپهه، ڪڻڪ ۽ مڪئي جي پوک تي وڏو اثر پيو آهي. رپورٽ مطابق، ايندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي شرح واڌ 3.4 سيڪڙو تائين بحال ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هلندڙ سال اها شرح 2.6 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. ٻوڏ سبب مهانگائي 7.2 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي. عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته زرعي پيداوار۾ سڌارو، افراط زر ۽ شرح ۾ گهٽتائي واڌ ويجهه لاءِ فائديمند ٿي سگهن ٿا. ٽئريف سڌارن سان برآمدات ۽ واڌ ويجهه ۾ اضافي جا امڪان آهن. رپورٽ ۾ اهو به ذڪر آهي ته هلندڙ مالي سال دوران مهانگا ايڪي ۾ رهڻ باوجود خطرا موجود آهن، جڏهن ته ٻوڏ جي ڪري 2027 تائين مهانگائي ۾ اضافي جو خدشو به آهي.

ٽماٽو آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو، 400 رپيا ڪلو

ڪراچي (رپورٽر) حڪومت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ٻوڏ کي بهانو بڻائي منافعي خور سرگرم ٿي ويا.ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٽماٽو 400 رپيا ڪلو ٿي ويو. ٽماٽي جو استعمال هر ڀاڄي ۾ ٿيندو آهي پر اگهه وڌڻ سبب ماڻهو ان جي متبادل طور ڏهي استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. ٽماٽو هڪ مهينو اڳ 40 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو هو پر هاڻ ايترو مهانگو ٿي ويو آهي ته جو ڪيترن ئي علائقن ۾ ان جي قيمت 400 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ٻوڏ سبب فصل تباهه ٿي ويا، جنهن جي ڪري ٽماٽو اتان نه پيو اچي. مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته هن سيزن ۾ ٽماٽي جي قيمت گهٽ کان گهٽ 20 ۽ وڌ کان وڌ 40 رپيا ڪلو هوندي آهي.

سون جون قيمتون آسمان سان لڳيون، في تولو 4 لک 25 هزار ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ سون جي قيمت آسمان تي پهچي وئي، في تولو 4 لک 25 هزار رپين کان مٿي پهچي ويو، ملڪ ۾ سون جي قيمت تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي، جتي في تولو سون 4 لک 25 هزار رپين کان به مٿي هليو ويو، آل پاڪستان صرافه ايسوسيئيشن موجب في تولو 24 قيراط سون ۾ 8 هزار 400 رپين جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ ان جي قيمت 4 لک 25 هزار 178 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته گذريل ڏينهن اها 4 لک 16 هزار 778 رپيا هئي، 10 گرام 24 قيراط سوني جي قيمت به 7 هزار 202 رپين جي واڌ سان 3 لک 64 هزار 521 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته عالمي منڊي ۾ سون جي قيمت 84 ڊالر اضافي سان 4 هزار 39 ڊالر في اونس تائين پهچي وئي، چاندي جي قيمت ۾ به 55 رپيا في توله ۽ 47 رپيا في 10 گرام واڌ رڪارڊ ٿي، جنهن کان پوءِ في تولو چاندي 4 هزار 984 رپيا ٿي وئي، ماهرن موجب عالمي سياسي ۽ معاشي غير يقيني صورتحال، آمريڪا ۾ شرحِ سود ۾ ممڪن گهٽتائي ۽ سرمائيڪارن جي وڏين خريداري سبب سون جون قيمتون تيزي سان وڌي رهيون آهن،2025 جي شروعات کان سون جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 54 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن سبب اهو سال جو بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اثاثو بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ڊالر ۽ تيل جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.