ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ فائر سيفٽي جو بحران سنگين شڪل اختيار ڪري ويو، جتي لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو عمارتون باهه کان بچاءُ جي نظام کان محروم آهن، جڏهن ته 90 سيڪڙو عمارتن ۾ ايمرجنسي نڪرڻ جا دروازا ئي موجود نه آهن، ان صورتحال سبب لکين شهري هر روز خطري هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، هي انڪشاف فائر پروٽيڪشن ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ ٿيل ٽيئسري نيشنل فائر سيفٽي ڪانفرنس ۽ رسڪ بيسڊ ايوارڊ تقريب ۾ ڪيو ويو، جتي ماهرن خبردار ڪيو ته بدعنواني، لاپرواهي ۽ قانون تي عمل نه ٿيڻ سبب ڪراچي ڪنهن به وقت وڏي سانحي جو شڪار ٿي سگهي ٿو، آباد جي چيئرمين حسن بخشي چيو ته جن عمارتن ۾ فائر سيفٽي ڪوڊز تي عمل نه ٿيو، تن کي اين او سي نه ملڻ گهرجي، اهڙين عمارتن کي اجازت ڏيڻ شهرين جي زندگين سان کيڏڻ برابر آهي، ريسڪيو 1122 جي سي اي او ڊاڪٽر عابد جلال ٻڌايو ته نومبر 2024 کان اڄ تائين 1700 کان وڌيڪ باهه جا واقعا رپورٽ ٿيا، جن جي وڏي سبب شارٽ سرڪٽ ۽ خراب وائرنگ آهي، فائر پروٽيڪشن ايسوسيئيشن جي صدر ڪنور وسيم موجب ايس بي سي اي اڳ ئي 500 کان وڌيڪ عمارتن کي غير محفوظ قرار ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته ڪيترين عمارتن کي ڪلاڪن ۾ باهه کائي وئي، ماهرن جو چوڻ هو ته فائر فائٽنگ نه، فائر روڪٿام ئي حقيقي حل آهي، ڪراچي جي چيف فائر آفيسر محمد همائون ٻڌايو ته سڄي شهر ۾ رڳو 28 فائر اسٽيشنز آهن، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 200 هجڻ گهرجن، هن ٻڌايو ته اڃا تائين 34 فائر فائٽرز فرض نڀائيندي جانون قربان ڪري چڪا آهن، هلال احمر سنڌ جي چيئرمين ريحان هاشمي چيو ته خراب رستا، ناقص منصوبابندي ۽ غير مربوط ادارا باهه جي پکڙجڻ جو وڏو سبب بڻجي رهيا آهن، بلدياتي ادارن کي بااختيار ڪرڻ ۽ فوري قدم کڻڻ ضروري آهن.