آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ هي فيصلو طئي ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه دوران طئي ڪيو ويو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي گڏجي آزاد ڪشمير جي ايندڙ سياسي حڪمت عملي تيار ڪنديون، ذريعن موجب، چوڌري انوار الحق تي الزام آهي ته هن آزاد ڪشمير جي تازي حالتن دوران سستي ۽ غفلت جو مظاهرو ڪيو ۽ صورتحال کي معمول تي آڻڻ ۾ ناڪام رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.