شڪارپور (نمائندن وٽان) شڪارپور ضلعي ۾ جعفر ايڪسپريس جي بوگين ۾ ڌماڪي سبب پٽڙي تان لهڻ جو حادثو پيش آيو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ست مسافر زخمي ٿي پيا، جعفر ايڪسپريس راولپنڊي کان ڪوئٽه وڃي رهي هئي، جڏهن اها سلطان ڪوٽ جي ويجهو پهتي ته ڌماڪي سبب پنج بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل ابڙو ٻڌايو ته جعفر ايڪسپريس تي آءِ اي ڊي ذريعي حملو ڪيو ويو، شروعاتي طور تي ست زخمين جي تصديق ٿي آهي، جن کي شڪارپور جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪجهه مسافرن چيو ته ڌماڪي کان پوءِ فائرنگ به ٿي پر عملدارن ان جي تصديق نه ڪئي، جعفر ايڪسپريس کي ان کان اڳ به جڪب آباد جي ويجهو ٻه ڀيرا نشانو بڻايو ويو هو،سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار پڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.