اسلام آباد (بيورو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر وقار مهدي چيو آهي ته چاچي خلاف ڀائيٽي سازش ڪري رهي آهي، اها توهان جي گهر جي ويڙهه آهي، اهو جهيڙو سنڌ جي ڳچيءَ ۾ نه وجهو،اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پنجاب حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چڪي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به صوبي پرستي يا ورهاست جو نعرو نه هنيو آهي،پلوشا خان چيو ته جڏهن مريم نواز تي ڪراچي ۾ مشڪل وقت آيو ته ان وقت بلاول سڀ کان اڳيان بيٺو هو،ان وقت ته هو توهان کي ڏاڍو سٺو لڳندو هو، اڄ توهان هن تي اهڙو الزام هڻي رهيا آهيو جنهن جو جواب اسان ڏنو ته اهو توهان جي بزرگن تائين هليو ويندو،هن چيو ته اسان وري به اوهان کي ڪلهو ڏينداسين،