حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ دوستن جي فائرنگ دوران نوجوان قتل ٿي ويو. بلديه ٿاڻي جي حد ۾ دوستن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد اسپتال جي ڊاڪٽرن مٿان علاج ۾ غفلت ڪرڻ جو الزام لڳائيندي وارثن احتجاج ڪيو. پوليس موجب بلديه ٿاڻي جي حد حر ڪيمپ وٽ ماس ڪميونيڪيشن جو گريجوئيٽ نوجوان عبدالعزيز کوسو کي سندس دوست عون محمد ارباب معمولي ڳالهه تان فائر ڪري زخمي ڪيو، جنهن بروقت علاج نه ملڻ سبب دم ڏئي ڇڏيو، عون محمد ۽ سندس ساٿي بلا راجپوت موٽر سائيڪل تي ڀڄي رهيا هئا، پر علائقي واسين هڪ جوابدار کي پڪڙي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪيو، مقتول جي وارثن سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ٻاهران احتجاج ڪندي چيو ته ڊاڪٽرن جي غير حاضري ۽ ايم ايس جي نااهلي سبب روزانو اسپتال ۾ مريض تڙپي مرن ٿا، ايم ايس ۽ ذميوار ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.