سڪرنڊ/ قاضي احمد/ نواب ولي محمد (نمائندن وٽان) ٻه ڏينهن اڳ سڪرنڊ شهر جي اسٽيشن روڊ تان باگڙين جي پاڙي مان ستن 7 ورهين جي نياڻي هير ڌيءَ لالو باگڙي گم ٿيڻ کانپوءِ مسلسل ڳولا بعد نئين تعمير ٿيندڙ خالي پيل جڳھه اصغر ڪالوني مان نياڻيءَ جي ملندڙ چچريل لاش ۽ بيدردي سان قتل ٿيل تي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي، اصغر ڪالوني مان گهران شيءِ وٺڻ لاءِ نڪتل 7 ورهين جي معصوم نياڻي هير ڌيءَ لالو باگڙي جو ٻئي ڪن ڪپيل ۽ هڪ ٻانهن ڪٽيل، ڳلو ڪپيل تشدد ٿيل لاش شهر جي اصغر ڪالوني مان خالي پلاٽ مان هٿ آيو هو، سڪرنڊ پوليس معصوم ٻارڙي جو لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نياڻي جي ڳولا لاءِ سوشل ميڊيا ۽ لائوڊ اسپيڪر ذريعي پڙها ڏنا ويا هئا، نياڻي هير اصل نواب ولي محمد جي رهواسڻ آهي والدين سان گڏ پنهنجي ناناڻن وٽ گهمڻ آيل هئي ٻه ڏينهن کان گم ٿي وئي سندس لاش هٿ آيو هو، معصوم ٻارڙي جو لاش ڏسي سندس والدين ۽ جيجل ماءُ اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري روئيندا رهيا، ذريعن موجب پوليس هڪ شڪي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته نياڻي کي ڪنن ۾ هڪ تولي کان وڌيڪ سون پاتل هو، جڏهن ته لاش جي ڳولا لاءِ پوليس ليڊيز پوليس سان گڏ سرچ آپريشن شروع ڪيو جنهن بعد اهو لاش هٿ آيو، اسان ظلم ڪيو ويو آهي، نياڻي کي قتل ڪري ظالم ڪن وڍي سون لاهي ويا، انصاف ڪيو وڃي، سڪرنڊ پوليس جي ايس ايڇ او علي اڪبر چنه جو چوڻ آهي ته اسان سرچ آپريشن شروع ڪيو ان بعد جوابدارن پاران لاش کي ڪالوني جي ڪنهن گهر مان ڪڍي پلاٽ ۾ ڦٽو ڪيو ويو آهي اسان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وري گهر گهر سرچ آپريشن ڪنداسين، ٻئي پاسي مقتول نياڻي جي وارثن ۽ شهرين لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو انتظاميا جي يقين دهاني بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ايس يو پي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ چيو ته معصوم نياڻي هير جا قاتل فوري طور گرفتار ڪيا وڃن، جڏهن ته نياڻي جو مڙهه نواب ولي محمد منتقل ڪيو ويو، جتي هير جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، ملڪ جي نامياري عالم دين علامه مفتي فيض محمد سڪندري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سڪرنڊ ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيل نياڻي هير باگڙي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته اهو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، نياڻيءَ جي ٻانهن ۽ ڪن ڪٽيا ويا آهن جيڪو سراسر ظلم آهي اسلام ان جي ڪڏھن به اجازت نٿو ڏئي، پ پ پ ضلعي صدر صالم زرداري، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، علي حيدر شاھ، آصف علي شاھ ، حاجي خان لاکو منظور بروهي ۽ ٻيا سڪرنڊ ۾ ڳلو، ٻانهن ۽ ڪن ڪپي بيدردي سان قتل ڪيل 8 ورهين جي معصوم نياڻي هير باگڙي جي تڏي تي پهتا جتي ميڊيا سان ڳالھ ٻولهه ڪندي پ پ پ اڳواڻن چيو ته انتهائي ظلم ٿيو آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، معصوم نينگري هير باگڙي جي قتل جي جيئن ئي خبر پئي آهي وارثن سان ڏک ونڊڻ پهتا آهيون، ظالمن ظلم جي انتها ڪئي آهي، ظالمن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.