قاهره (م ڊ) حماس تنظيم مصر ۾ جاري امن ڳالهين دوران پنهنجا بنيادي مطالبا پيش ڪري ڇڏيا، جن ۾ مستقل جنگبندي، اسرائيلي فوج جي مڪمل نيڪالي ۽ غزا جي ٻيهر تعمير شامل آهن، الجزيره ٽي وي جي رپورٽ موجب، حماس جي وفد مصر ۾ جاري جنگبندي ڳالهين دوران پنهنجا بنيادي شرط ۽ مطالبا تفصيل سان پيش ڪيا، حماس جي ترجمانفوزي برهوم چيو ته سندن وفد اهڙي معاهدي تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو غزا جي عوام جي اميدن ۽ خواهشن تي پورو لهي، حماس طرفان ڪيل مطالبن ۾ هي شامل آهن مستقل ۽ جامع جنگبندي، اسرائيلي فوج جي غزا مان مڪمل نيڪالي، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي، بي گهر ٿيل ماڻهن جي واپسي شامل آهن، فوزي برهوم الزام لڳايو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو ڄاڻي واڻي ڳالهين کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيئن هو اڳ به ڪيترائي مرحلا سبوتار ڪري چڪو آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو حماس جي 7 آڪٽوبر جي حملي کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي جاري بيان ۾ چيو ته آمريڪا اسرائيل جي مڪمل حمايت جاري رکندو، دهشتگردي خلاف گڏيل جنگ ۽ سمورن يرغمالين ۽ انهن جي خاندانن جي تڪليفون ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا اسرائيل جي حمايت تي ثابت قدمي سان قائم آهي.