حيدرآباد (پ ر+رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير ۽ اڳوڻي پارلياماني ليڊر لياقت بلوچ چيو آهي ته صهيوني رياست اسرائيل جو وجود عالمي امن لاءِ مستقل خطرو آهي، فلسطين فلسطيني ماڻهن جو ملڪ آهي، ٻه رياستي حل قبول نه آهي. فلسطيني قوم تاريخ رقم ڪئي آهي، جن ٻن سالن کان اسرائيل جي سامهون بيهي ان جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. 75 هزار فلسطينين جو قاتل ٽرمپ ڪيئن امن جو داعي ٿي سگهي ٿو؟ هاڻ اهو ميدان ۾ صرف ان لاءِ آيو آهي ته اسرائيل کي ناڪاميءَ مان ڪڍي ۽ جنگي ڏوهن جي ذميوار نيتن ياهو کي بچائي. گريٽر اسرائيل جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. حماس ئي اصل ڌر آهي، ان جو جيڪو به فيصلو ٿيندو، اهو سڄي اسلامي دنيا جو موقف هوندو. اھڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد پريس ڪلب تي جماعت اسلامي پاران منعقد ٿيل چلڊرن غزه مارچ دوران خطاب ڪندي ڪيو. ان مارچ ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. انهن هٿن ۾ حماس جي اڳواڻن ۽ شهيد معصوم ٻارن جون تصويرون هيون ۽ "فري فري فلسطين” جا نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا، حيدرآباد جو امير حافظ طاهر مجيد، جنرل سيڪريٽري حنيف شيخ، الخدمت جي صدر نعيم عباسي، يوتھ جي صدر عرفان قائمخاني ۽ ٻيا ذميوار پڻ موجود هئا.لياقت بلوچ وڌيڪ چيو ته اسان واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسرائيل کي تسليم ڪندڙن کي قوم معاف نه ڪندي. هوڏانهن جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ٽرمپ جي چاپلوسي ڪرڻ بدران امت جي جذبات جو باوقار انداز ۾ اظهار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيلي جيل ۾ سينيٽر مشتاق خان ۽ گلوبل سامود فلوٽلا جي ٻين ڪارڪنن سان غير انساني سلوڪ قابل مذمت آهي.