جيڪب آباد ۾ سوناري تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف هڙتال

جيڪب آباد(رپورٽ: عباس علي سومرو ) سوناري تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف صرافه مارڪيٽ ۾ شٽربند هڙتال، جيڪب  آباد جي سوناري هريش ڪمار مٿان سٽي ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس خلاف صرافه يونين پاران صرافه مارڪيٽ ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو، صرافه يونين جي صدر سميع الله سرهيو پنچائت جي اڳوڻي صدر بابو مهيش ڪمار لاکاڻي مزدور شهري اتحاد جي صدر حاجي غلام نبي رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جيڪب آباد ۾ جهنگ جو قانون آهي پوليس واپارين ۽ شريف شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي سونارو هريش ڪمار ذهني دٻاءُ سبب گهران نڪري ويو هو جنهن جا وارث پريشان هئا انهن پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس سوناري هريش ڪمار کي سيوهڻ مان هٿ ڪيو آهي پوليس هٿ ڪيل هريش ڪمار کي وارثن جي حوالي ڪرڻ بدران سرڪار جي فرياد تي فراڊ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري زيادتي ڪئي آهي هنن چيو ته پوليس جي غنڊا گردي سبب اقليتي برادري پريشان آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.