ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي طرفان آمريڪا جي سرپرستي هيٺ اسرائيلي فوج پاران غزا تي مسلسل بمباري، مظلوم ۽ بي گناهه فلسطيني مسلمانن، عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ صمود فلوٽيلا تي حملي خلاف فلسطين ۽ حماس سان يڪجهتي ۽ اتحاد جو اظهار ڪرڻ لاءِ شاهراهه فيصل تي غزا يڪجهتي مارچ ڪيو ويو. مارچ ۾ هزارين مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي ۽ نعريبازي ڪئي. مارچ کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته فلسطين لاءِ ڪو به 2 رياستي حل قابل قبول ناهي، رياست رڳو هڪ فلسطين جي آهي ۽ قيادت رڳو هڪ حماس جي آهي. پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف کي پاڪستاني عوام جي راءِ ٻڌڻ گهرجي، حماس جو موقف قبول ڪرڻ گهرجي، حماس جو ترجمان بڻجڻ گهرجي ۽ ڪنهن به ٻاهرين دٻاءُ کي قبول ڪرڻ کان سواءِ پاڪستان ۾ حماس جي آفيس کولڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مخالف ڌر ۽ ٻين حڪمران پارٽين کي به حماس ۽ غزا جي عوام جي حمايت ڪرڻ گهرجي ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي کليل مذمت ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته اسرائيل جي نالي تي جيڪو ڪجهه به آهي اهو قبضو ڪيل فلسطين آهي. پاڪستان جو قومي موقف اهو ئي آهي جيڪو پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح اختيار ڪيو هو ته اسرائيل هڪ ناجائز رياست آهي جنهن کي ڪنهن به حالت ۾ تسليم نه ڪيو ويندو. حڪمرانن کي آمريڪا ۽ اسرائيل سان لاڳاپا قائم نه ڪرڻ گهرجن، ۽ جيڪو به اسرائيل کي تسليم ڪرڻ يا ابراهيمي معاهدن ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي عوام سان ڳالهائڻ کان روڪيو ويندو. حافظ نعيم چيو ته حڪمران طبقو حماس جو نالو به وٺڻ لاءِ تيار ناهي. حڪمران طبقو ڪنهن به اهڙي تحريڪ کان ڊڄندو آهي جيڪا عوام جي تحريڪ هجي. هن چيو ته عوامي جلسن ۾ پيغام ڏنو ويندو ته نظام کي تبديل ڪريو، بندوق سان حڪومت نه ڪريو، مارشل لا تحت ملڪ سڌي يا اڻ سڌي طرح هلي نه ٿو سگهي. غزا مارچ ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻن ڊاڪٽر اساما رازي، منعم ظفر خان، سيف الدين ايڊووڪيٽ، نويد علي بيگ، توفيق الدين صديقي، باقر الدين صديقي، باقر علي وساڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو.