ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته سنڌ جي حڪمران پارٽي ماڻهن کي مايوسي ۽ بدحالي کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، اهڙن خيالن جو اظهار هن مرڪزي مسلم ليگ جي گڏيل سيڪريٽري جي قيادت ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران ڪيو، ايم ڪيو ايم پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات ۾ سياسي صورتحال ۽ ارڙهين آئينِي ترميم جي اثرن تي به ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي خالد مقبول صديقي ارڙهين ترميم کان پوءِ سنڌ ۾ اختيارن جي اڻبرابريءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، ايم ڪيو ايم چيئرمين چيو ته سنڌ کي اربين رپيا ملڻ باوجود هتي ترقي جو ڪو به نشان نظر نٿو اچي.