حيدرآباد (پ ر)جاگيرداري نظام، ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڊيمن، ڪئنالن ۽ زرعي جنسون ٻاهرين ملڪن مان گهرائڻ خلاف 8 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ سنڌي هاري تحريڪ طرفان اعلانيل ريلي جي تياري ڪميٽي جو اجلاس سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفىٰ چانڊيو جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس، قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو۔اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، حسنا راهوجو، راحيل ڀٽو، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽو، ڄام تماچي، نور نبي پليجو، عبدالرحمن سمون، فاضل کوسو، حاجي خان سمون، انور رند، الطاف راهوجو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي۔اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 8 آڪٽوبر تي ريلي ڪڍي هارين جو جلسي عام ڪيو ويندو.اجلاس ۾ چيو ويو ته سارين جا اگهه گهٽائي سنڌ جي هارين جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي. حڪومت جون پاليسيون جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ ڪارپوريٽ ڪمپنين جي مفادن تحت تيار ڪيون پيون وڃن