گمبٽ ۾ قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ جسقم ۽ سول سوسائٽي جي ريلي، احتجاج

گمبٽ (رپورٽ: شير محمد ناريجو)گمبٽ ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۽ سول سوسائٽي پاران سنڌ اندر قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن حفيظ الله، عبدالغني وساڻ، سخي  محمد ناريجو، ڪامريڊ حبيب، علي حيدر، سرمد علي ۽ ٻين هٿن ۾ بينر کڻي مظاهرو ڪندي چيو ته هڪ منظم پلاننگ تحت سنڌ اندر قبائلي جهيڙا ڪرايا پيا وڃن قبيلائي تڪرارن سبب علائقي ويران ٿيڻ سان گڏ تعليم ۽ روزگار تباھ ٿي وڃن ٿا، اڄڻ ۽ ڪليري تڪرار جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي بيگناھ جانيون ضعايا ٿي چڪيون آھن اسڪول بند پيل آھن علائقا نوگو ايريا بڻجي چڪا آھن اڳواڻن جهيڙيندر ڌرين کي اپيل ڪئي ته ويڇا وساري امن جي فضا کي قائم ڪيو وڃي، آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ اثرائتو ڪردار ادا وڃي ته جيئن وڌيڪ انساني زندگيون ضعايا ٿيڻ کان بچي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.