ڪراچي( رپورٽر )سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس سينئر ماس ٽرانزٽ ۽ سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پنجاب حڪومت طرفان پيپلز پارٽي ۽ خاص ڪري سنڌ حڪومت خلاف هڪ طرفي مهم هلائي پئي وڃي، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پورو پاڪستان ملي ڪري پنجاب جي عوام جي مدد ڪري. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کي چيو ته ٻوڏ متاثرن امداد لاء عالمي ادارن سان ڳالھائي. وزيراعظم صاحب عالمي برادري کان مدد گھري ان وقت چيو ويو ته هڪ خوددار شخص ڪيئن امداد جي اپيل ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته اسان پنهنجي تجربي جي بنياد تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي شفاف ورهاست جي تجويز ڏني پر ان تي به تنقيد ٿي. پنجاب حڪومت جو رويو سمجهه کان ٻاهر آهي، اسان کي نشانو بڻائي وفاقي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان عالمي سياست جي ميدان ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پر افسوس جي ڳالهه آھي ته وزيراعظم جڏهن به پنجاب ويندو آهي ته وزيراعليٰ پنجاب سندس استقبال لاءِ ايئرپورٽ ناهي ويندي. ھن چيو ته ھڪ شخص سنڌ ۽ سنڌ جي عوام خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪيا، ان شخص کي سينيٽ جي ڪميٽي طلب ڪيو ۽ ان شخص معافي گهري. پنجاب حڪومت جي وزيرن ۽ ٻين سوشل اڪائونٽس طرفان ان شخص جي حمايت ۾ مهم هلائي وئي،هن چيو ته ٻين صوبن ۾ بلدياتي چونڊون ٿي چڪيون آهن, پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون ڇو نٿيون ڪرايون وڃن،هن چيو ته پنجاب جو بجيٽ وڌيڪ آهي ۽ وفاق ھن جي مدد ڪري ٿوپر صحت جي شعبي ۾ سنڌ پنجاب کان گهڻو اڳتي آهي، ھن چيو ته سوشل ميڊيا تي پيپلز پارٽي خلاف مھم هلائي وئي پر جن ماڻهن جا فصل ۽ گھر ٻوڏ سبب تباھ ٿيا انھن جي اذيت کي نظر انداز ڪيو ويو. هن چيو ته ”منهنجو پاڻي منهنجي مرضي“ يا ”منهنجو پئسو منهنجي مرضي“ جهڙا نعرا ڪو به باشعور شخص نٿو هڻي سگهي. پاڪستان جا وسيلا سڀني جا آهن. جيڪڏهن مان چوان ته ”منهنجي پورٽ منهنجي مرضي“ يا ”منهنجو ڪوئلو منهنجي مرضي“ ته منهنجي پنهنجي قيادت مون کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيندي، نفرت جي سياست کي پکڙجڻ نه ڏنو ويندو .هن چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ دوران مس مينيجمينٽ ٿي، اسان وزيراعظم جي هر سٺي قدم سان گڏ آهيون ۽ گڏ رهنداسين. وزيراعظم سڀني جو وزيراعظم آهي، اسان وزيراعليٰ پنجاب جي به عزت ڪريون ٿا ۽ صرف ھن کي سمجهائي رهيا آهيون،هن چيو ته ڪجهه ڏينهن کان پنجاب حڪومت طرفان پيپلزپارٽي خلاف مهم هلائي پئي وڃي، جيڪا سمجهه کان ٻاهر آهي۔پنجاب حڪومت جي طرفان مسلسل تنقيد ڪرڻ جو ڪو جواز نٿو ٺهي، لڳي ٿو ته وزيراعليٰ پنجاب جو اسڪرپٽ رائيٽر کيس غلط رستي تي وٺي پيو وڃي۔ “اسڪرپٽ رائيٽر وزيراعليٰ کي چيو آهي ته هاڻي پنجاب ڪارڊ کيڏو، ٻين صوبن تي تنقيد ڪريو، پر اسان چئون ٿا ته ڪارڪردگي تي بحث ڪري سگهجي ٿو، اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر نفرت نه ڦهلائجي،هن چيو ته پنجاب حڪومت جو اصل ٽارگيٽ وفاقي حڪومت آهي، اسان جي آڙ ۾ اصل ۾ وزيراعظم تي وار ڪيو پيو وڃي۔هن واضع ڪيو ته پنجاب حڪومت جي وفاق خلاف سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڇوتہ پيپلزپارٽي وفاقي استحڪام ۽ قومي يڪجهتي جي علامت آهي۔
لاهور (بيورو) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري سنڌ جي صوبائي وزير جي پريس ڪانفرنس تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته توهان ايترا ٻار آهيو جو پنجاب حڪومت توهان کي وفاق خلاف سازش ۾ ڌڪي ٿي ۽ توهان بنا سوچڻ ان جو حصو بڻجي رهيا آهيو، هن چيو ته ڇا وزيراعظم توهان کي پنجاب جي ٻوڏ متاثرن تي سياست ڪرڻ لاءِ چيو هو؟ هن چيو ته بلاول ڀٽو جڏهن پرڏيهي وزير هو، تڏهن به پنهنجي جماعت ۽ وفاقي حڪومت جون پاڙون ڪمزور ڪري رهيو هو، جيڪو اڄ به قوم کي ياد آهي،عظميٰ بخاري شرجيل ميمڻ جي بحث واري چئلينج کي قبول ڪندي چيو ته جڳهه ۽ وقت توهان جي پسند جو هوندو، پر پاڻ ضرور اچجو، ڪنهن ٻئي جي پويان نه لڪجو، هن چيو ته پنجاب جي ٻوڏ متاثرن تي سياست جو بيانيوناڪام ٿي چڪو آهي، جن جا پنهنجا اڳواڻ پاڻ ۾ نه ٺهندا آهن، سي ٻين تي الزام لڳائي پنهنجا گناهه لڪائڻ چاهين ٿا،عظمیٰ بخاري چيو ته جڏهن بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير هو، تڏهن به هو پنهنجي ئي پارٽي، وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم جي بنيادن کي ڪمزور ڪري رهيو هو، اهو رويو اڄ به قوم کي ياد آهي،هن وڌيڪ چيو ته جن ماڻهن جي پنهنجي گهر ۾ پيءُ ۽ پٽ ۾ نڀاءُ ناهي، اهي اسان جي پارٽي ۽ حڪومت تي مهڻا هڻي پنهنجن سياسي گناهن ۽ ناڪامين تي پردو وجهڻ چاهين ٿا۔ هن وڌيڪ چيو ته توهان وفاق ۽ پنجاب ٻنهي خلاف سازش ڪري رهيا آهيو، جڏهن توهان کان ڪارڪردگي بابت سوال ٿئي ٿو ته فوري طور لسانيت ۽ مرسون مرسون ڪارڊ کي آڏو آڻيو ٿا، هن چيو ته جڏهن توهان کي پنجاب جي ترقي کان ساڙ ٿيندو آهي ته سازشون شرع ڪندا آهيو، جڏهن ڪارڪردگي بابت سوال ٿئي ٿو ته صوبائيت جو ڪارڊ کيڏڻ لڳو ٿا، عظميٰ بخاري جو چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب اڄ به سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن کان وڌيڪ ترقي يافته آهي ۽ پنجاب ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊون ڪراچي وانگر بوگس نه هونديون، تنهنڪري پنهنجي ڊيڊ لائن پاڻ وٽ رکو، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان کي مريم نواز جي مقبوليت کان ڊپ نه هجي ها ته اڄ موڪل واري ڏينهن به پريس ڪانفرنس نه ڪرڻي پوي ها، عظميٰ بخاري چيو ته توهان اڃا تائين 2022 جي ٻوڏ کي وڪڻي رهيا آهيو، جڏهن ته پنجاب ۾ جتي سروي مڪمل ٿيو، اتي متاثرن کي چيڪ ملي رهيا آهن.